ڪنري(ن پ ا)  ڪنري ڀرسان اڌڙوٽ شخص پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو. ڀوتراڻي موڙ جي ڳوٺ ڪوڙو خان ڀوتراڻي ۾ 65 ورھين جي محمد جمن ولد گُل محمد ڀوتراڻي پاڻ تي مبينا طور بندوق جو فائر ڪيو.اطلاع تي ڪنري پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش کي تعلقي اسپتال ڪنري منتقل ڪري ڇڏيو. آپگهات ڪندڙ همراهه جي وارثن جو چوڻ آهي ته محمد جمن جو ذھني توازن ٺيڪ نه ھو،  اڪثر بيمار رھندو ھو، جنھن سبب ھن اھڙو قدم کنيو آهي.