اعظم سواتي خلاف داخل ڪيس ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت درخواست: سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران ڌرين کي نوٽيسز جاري

0
320
اعظم سواتي خلاف داخل

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سينيٽر اعظم سواتي خلاف داخل ڪيس ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت درخواست تي سنڌ حڪومت، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اعظم سواتي کي گرفتار ڪري ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ داخل ڪيس سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف وزي آهي

وڪيل موجب 5 ڪيس ڪراچي ۽ هڪ ڪيس قمبر ۾ داخل ڪيو ويو، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي لاڳاپيل ايس ايس پيز کان  22 ڊسمبر تي ڪيسن بابت رڪارڊ طلب ڪري ورتو آھي

ھي به پڙھندا

سينيٽر اعظم سواتي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

اعظم سواتي خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪيترا ڪيس داخل آهن؟