چار سال ٿي ويا آهن پر منهنجي خلاف ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي: آغا سراج دراني

0
389
آغا سراج دراني نظر بند!،

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت ۾ آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ بابت ريفرنس تي ٻڌڻي

آغا سراج دراني ۽ ٻيا جوابدارعدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي 22ڊسمبرتائين ملتوي ڪئي وئي آھي

عدالت جو چوڻ ھو ته ريفرنس جي شريڪ جوابدارن ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست سنڌ  هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي آهي

آغا سراج دراني ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته لاڳاپيل عدالت جو جج رٽائرڊ ٿي ويو آهي، هاڻي 22ڊسمبر جي تاريخ ملي آهي

نئون ائڊمنسٽريٽر ڪراچي سٺو ماڻهوآهي، اڳ به مختلف کاتن ۽ عهدن تي ڪم ڪيو آهي، 4سال ٿي ويا آهن پر منهنجي خلاف ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي

نيب کي ختم ٿيڻ گهرجي پر ڏسون ٿا ڇا ٿو ٿئي، منهنجي سب جيل ۾ هوندي پروٽوڪول وٺڻ جي ڳالهه غلط آهي

ھي به پڙھندا

ڊاڪٽر سيف الرحمان ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مقرر