اصول پرستيءَ جي عملي تصوير سائين جي ايم سيد

0
534

منهنجي نظر ۾ تاريخي تهذيبي پسمنظر ۾ سنڌ اندر گذريل هڪ صديءَ دوران سائين جي ايم سيد، شهيد الله بخش سومرو، مولانا عبيدالله سنڌي، شهيد سورهيه بادشاهه سنڌ جا تمام وڏا نالا ۽ تاريخ ساز شخصيتون آهن. جيتوڻيڪ سورهيه بادشاهه ۽ شهيد الله بخش سومرو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ شهيد ڪيا ويا. تنهنڪري قومي تشخص ۽ فڪري اعتبار کان پاڪستان ٺهڻ کان اڳ يا پوءِ سنڌ جي قومي تصور جي حساب سان ٻه تمام وڏا نالا رهيا هڪ مولانا سنڌي ٻيو سائين جي ايم سيد. اھا ڳالھه به تاريخ جو حصو آھي ته بر صغير جي ورهاڱي کان اڳ انگريز سرڪار پاران مزاحمت ڪندڙ باغين جي سزا لاءِ ٺاهيل رولٽ ايڪٽ نالي انگريز سرڪار جي قانون ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ انگريز دشمن جيڪڏهن نالو ھو ته اھو “مولانا عبيدالله سنڌي” ھو. پر ٻئي پاسي سائين جي ايم سيد سنڌ جي سموري تاريخ جو اهو نرالو نانءُ آهي جنهن جي ٻُڌڻ سان سنڌ جي صالح فرزندن آڏو سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ سَهيڙي سامهون اچي بيهندي آهي. سيد جي سياست فڪري پهلوءَ جي ڪهڙي ڪهڙي پاسي تي لکجي ڇاڪاڻ ته هن روايتي انسانن واري خوف لالچ جي ٻن پڙن ۾ چيڀاٽجندڙ حياتي نه گذاري، هن اڄوڪي سياست وانگر پنهنجي سياست کي شخصي محرومين ڪوڙي شهرت جو ذريعو نه بڻايو نه ئي هن پنهنجي حياتيءَ کي برپٽ ۾ ڦٽندڙ ان ٻوٽي وانگر بڻايو جنهن جي ڇانوءَ ڪنهن جي ڪم نه اچي سگهي. ڇاڪاڻ ته کيس ڀليءَ ڀت  خبر هئي انسان جي سڀ کان اهم ميراث هن جي زندگي آهي. اها زندگي ايئن گذارڻ گهرجي، جو مرڻ وقت هو سڪون سان اکيون ٻوٽي اهو اطمينان محسوس ڪري سگهي ته هن پنهنجي حياتي عظيم ترين مقصد يعني انساني آزاديءَ جي لاءِ جاکوڙ ڪندي گذاري. سائين جي ايم سيد جي زندگي اهڙي انساني آدرش جي حاصلات جي حسين ترين ڪهاڻي آهي. جنهن زماني جي بي انتها لاهن چاڙهن بي وفائين تڪليفن باوجود ننڍي وهيءَ ۾ وڏن تجربن جي آڌار تي“فنا في السنڌ” جي رازن کي پرکي ۽ پروڙي ورتو. اهو ٻار جنهن جديد سنڌ جي جوڙ جڪ لاءِ پنهنجي سياسي وک صرف 15 سالن جي عمر ۾ پنهنجي علائقي کان کنئي. اهو ٻارڙو جيڪو نه صرف سن اسڪول بورڊ جو چيئرمين بڻجي وڃي ٿو پر فقط 25 سالن جي عمر ۾ پهچي ڊسٽرڪٽ جو صدر ۽ عمر جي 33هين سال ۾ هو سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر به بنجي ٿو. 34 سالن جي عمر ۾ پير پائيندي “آل انڊيا مسلم ليگ” جي پليٽ فارم تان باقائده سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندي سنڌ جو وزير تعليم بڻجي ٿو. ان وقت سنڌ جا اڪثر سياسي اڳواڻ ۽ وڏا نالا برطانيا اسٽيبلشمينٽ جي ڇانوءَ ۾ رهندي نه صرف سياست ڪندا هئا پر سندن راضپي خاطر ها ۾ ها ملائي گورنر جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اصولي موقف کي به ٽوڙي مروڙي پيش ڪندا هئا. ان وقت به سائين جي ايم سيد نتيجي جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجو اصولي موقف چٽي نموني رکڻَ جو عادي هو. انڪري سائين جي ايم سيد برطانيا اسٽيبلشمينٽ کي چڙ ڏياري ڇڏيندو هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به سيد سنڌ جي حقن جي حوالي سان وڏن نالي وارن اڳواڻن سان به اختلاف رکڻ ۾ دير نه ڪندو هو انڪري ئي ان وقت جديد خيالن وارا ڪامريڊ مٿس کلندي چوندا هئا ته سيد پوڙهو ٿي ويو آهي پر سيد ته تاريخ مان توانايون حاصل ڪندو هو. جڏهن ڳالهائيندو هو ته  محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ تاريخ پنهنجو اظهار ڪندي هجي. هن جي گفتگو ڪنهن تيز رفتار پهاڙي نديءَ وانگر ڪيتريون ئي ڇپون پاڻ سان گڏ لوڙهيندي ويندي هئي. هو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ واري سمورين سياسي حالتن جو اکين ڏٺو شاهد هو جنهن ڪري سندس ڪچهرين توڙي لکڻين ۾ پوري دنيا جي سياسي اٿل پٿل جو منظر اڀري ايندو هو.
اڄ جڏهن ملڪي سياست اندر سرگرم ۽ وڏا وڏا سياسي کلاڙي  موقعي ملڻ تي مخالف کي مات ڏيڻ لاءِ نه رڳو ڪوڙي پروپئگينڊه جو حصو ٿين ٿا پر مفادن خاطر مخالفن سان ملي ڪيرائڻ جون ڪوششون ڪن ٿا پر سيد اهڙي سطحي سوچ کان گهڻو بالاتر هو جيڪو سخت نظرياتي اختلافن هوندي پنهنجي سياسي مخالفن جي عزت ڪندو ۽ ڏکين حالتن ۾ سندن بچاءُ ڪندو هو.سائين جي ايم سيد جيڪو اصول پرست هجڻ سان گڏ انڪار جو قلندر ھو، جيڪو جرئت جو جبل ھو. جنهن ڪڏهن ڪنهن سياسي ڪاميابيءَ لاءِ ڪنهن جي سهاري شارٽ ڪٽ وارو رستو نه ورتو ڪڏهن به ذاتي مفاد لاءِ موقف نه مٽايو. تڪليفن جي خبر هوندي به جنهن سان بيٺو سچائين سان بيٺو ڪڏهن به دوستن سان دوکو نه ڪيو اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن. جئين ڪتاب “منهنجون يادگيريون ۽ جي ايم سيد” جو ليکڪ ايم ايڇ پنهور لکي ٿو، 1970ع جي چونڊن وارو زمانو هو مان سائين جي ايم سيد سان ويٺو هئس ته هڪ ڏينهن مخدوم طالب الموليٰ سن اچي سائين جي ايم سيد سان مليو ۽ کيس ذوالفقار علي ڀٽو جو نياپو ڏنائين ته اوهان ٺٽي واري سيٽ اين اي 127 وٺو پر پير علي محمد شاهه راشدي جي مدد نه ڪيو، ٺٽي واري سيٽ تان اسين اوهان کي بنا مقابلي کٽرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. سائين جي ايم سيد مخدوم طالب الموليٰ کي چيو راشدي منهنجو دوست آھي مان پنهنجي دوست سان ڌوڪو نه ڪندس. مخدوم طالب الموليٰ واپس هليو ويو ۽ معاملا نه ٺھيا. اهڙي طرح سائين جي ايم سيد دادو جي تڪ  اين اي 125 دادو 2 تان ملڪ سڪندر سان چونڊ وڙھي سائين جي ايم سيد اليڪشن ۾ يارهن هزار ووٽ کنيا ۽ ملڪ سڪندر اڻونجاهه هزار ووٽ کنيا ۽ سائين جي ايم سيد هارائي ويو پر اصول خاطر دوست سان ڌوڪو نه ڪيائين. سائين جي ايم سيد جي انڪار بعد ٺٽي واري ان سيٽ تان ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ بيٺو ۽ اليڪشن کٽيائين، شيخ مجيب الرحمان کي سائين جي ايم سيد جي هارائڻ جو ڏاڍو ڏک پهتو. شيخ مجيب الرحمان مشرقي پاڪستان۾ ٽن تڪن تان چونڊ کٽي هئي شيخ مجيب سائين جي ايم سيد کي نياپو ڪيو ته هو پنهنجي ڍاڪا واري سيٽ سندس لاءِ خالي ٿو ڪري اوهان ڍاڪا مان رڳو فارم ڀريو اوهان کي کٽرائڻ اسان جو ڪم آھي. سائين جي ايم سيد ڍاڪا مان اهو چئي بيھڻ کان انڪار ڪيو ته جڏهن مون کي سنڌين ناهي سڃاتو ته ٻئي جي سيٽ کٽي اسيمبلي ۾ وڃان اهو مناسب ناهي.
استقامت، ثابت قدمي ۽ اصول پرستيءَ اوچي منزل تي پهتل اهو شخص سنڌ جو سائين جسماني طور هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي جنهن سموري زندگي لطيف سائين جي ڏنل پيغام
سائينم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
معرفت اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جو فڪر ڏئي دنيا کي تبديل ڪرڻ جي اڻ ٿڪ جدوجهد ڪئي ۽ جڏهن سنڌ جو هاڻوڪو نئون نسل علم ۽ عمل جي راهه تي هلندي ٿڪجي پوندو ته کليل ڪتابي صورت واري سائين جي ايم سيد جي مزار سندن رهنمائي ڪندي رهندي.