ڪنگ پريسٽ ۽ ثقافتي پسماندگي

0
614

جڏهن ڪنهن به معاشي نظام ۾ سماج کي ترقي وٺرائڻ جي صلاحيت ختم ٿي ويندي آهي ته اهو نظام سماج کي زوال ۽ پستي طرف ڌڪڻ شروع ڪندو آهي. اهڙي سماج ۾ پوءِ نواڻ پسندي جي جاءِ پراڻ پسندي والاري وٺندي آهي. ماضيءَ جي قبرستانن ۾ دفن ٿيل تعصبن جا لاش وري زندہ ٿي معاشري ۾ بدبوءَ ڦهلائڻ شروع ڪندا آهن. اخلاقي قدر پستي طرف وڌندا آهن. لالچ ۽ مفادپرستي رشتن کي کوکلو بڻائي ڇڏيندي آهي. وفاداريون دوکن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. اهڙي سماج ۾ سچي ماڻهو کي موڳو ۽ مڪار کي ذهين سمجھيو ويندو آهي. آدرش ۽ نظريا عقيدا پرستي ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. دليلن جي جاءِ تي گاريون ۽ گٿا لفظ اچي ويندا آهن. تنقيد جي نالي تي تذليل ۽ تضحيڪ روايت بڻجي ويندي آهي ۽ عدم برداشت زندگي جو عام معمول بڻجي سماج کي کائڻ شروع ڪندي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي وائرل بڻيل تصوير جنهن ۾ ٽي اڻڄاڻ همراهه ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي توهين ڪندي نظر پئي آيا، اها حرڪت ۽ ان کان پوءِ ان حرڪت خلاف ٿيل ردعمل حقيقت ۾ اسان جي معاشري جي ثقافتي پسماندگي جو چٽو ثبوت پيش ڪيو آهي. ان کان به وڌيڪ سنڌ حڪومت جي حڪم تي انھن تاريخي ورثي کان ناواقف ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل هڪ سيڪيولر پارٽي اندر موجود رجعتي سوچ جو اظهار ڪيو آهي. سڀ کان پهرين جيڪڏهن ان واقعي خلاف سنڌ جي دانش جي ردعمل جي ڳالھه ڪجي ته ان ردعمل مان اهو ثابت پيو ٿئي ته سنڌ جي ترقي پسند سوچ وقت سان گڏ ڪيئن پنهنجي اندر ۾ رجعتي بڻجي چڪي آهي. يا ايئن کڻي چئجي ته شدت پسند ٿي چڪي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جون ترقي پسند قوتون جنھن سوچ خلاف مهاڏو اٽڪائي بيٺل نظر پئي آيون، اڄ ان ئي سوچ جو هو پاڻ شڪار ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. اها به هڪ حقيقت آهي ته هن ملڪ جي جنم ڏينهن کان وٺي ننڍين قومن ته ڇا پر وڏي قوم جي ثقافت کي به هڪ منظم طريقي سان ٽي وي اسڪرينن کان وٺي ادب ذريعي ڪمتر ڪري پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ مصنوعي ثقافت کي هن سماج تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان جي خلاف ردعمل هڪ بهتر عمل هو پر اڄ ڪلهه پنهنجي ثقافت ۽ تاريخي ورثي جي دفاع ۾ جهڙي طريقي سان ردعمل ظاهر ڪيو پيو وڃي اهو ڪنهن به صورت ۾ ساراهه جوڳو ناهي. اهو تصوير وارو واقعو ڪو پهريون واقعو ناهي جنهن تي سخت کان سخت سزا جا مطالبا ڪيا ويا آهن، ان کان پهرين به اجرڪ جي “ بي حرمتي” ڪندڙن خلاف جيڪو ردعمل ڏيکاريو ويو ۽ ايتري تائين اجرڪ جي بي حرمتي ڪندڙن کي جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ان تشدد واري عمل کي ساراهيو ويو. اها آخر ڪهڙي قسم جي ترقي پسندي آهي جنهن اجرڪ کي مقدس بڻائي ڇڏيو آهي. اولھه جي ملڪن ۾ ته ملڪ جي جهنڊي جي پرنٽ جا انڊر گارمينٽس ٺھندا آهن ۽ استعمال ڪيا ويندا آهن. هاڻ ڳوٺ ۾ ڪو هاري اجرڪ جي ڊزائين واري گوڏ ٻڌي وهنجي ته ڇا ترقي پسند ان هاري جو سر قلم ڪندا يا ڪيس ڪندا ؟ اڄ اگر اجرڪ مقدس آهي ته سڀاڻي ڪا ٻي شيءَ مقدس بڻائي ويندي، ان کان پوءِ ڪي خاص سياسي شخصيتون مقدس بڻجي وينديون جن تي تنقيد جرم ۾ شمار ڪئي ويندي. جيڪي ترقي پسند انهن ٽن همراهن تي توهين مذهب جو ڪيس داخل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪون ڏئي رهيا آهن، انهن کي شايد ان ڳالهه جو اندازو ناهي ته ايندڙ وقت ۾ اهو عمل ڪيئن مجموعي طور تي ترقي پسند سوچ رکڻ وارن کي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو. “توهين” جو دائرو وڌائي توهان سماج لاءِ هڪ نئين مصيبت پيدا ڪري چڪا آهيو. موئن جي دڙي تي پيش آيل توهين وارو واقعو هڪ انتهائي غير اهم واقعو هو، جنهن کي آساني سان درگذر ڪري سگهجي پيو. اسان جنهن سماج ۾ رهون پيا اتي اهڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. اهو ڪو انوکو واقعي قطعي نه هو جنهن خلاف ايتري واويلا مچائي وئي ۽ ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ اهو واقعو عالمي ميڊيا جي خبر بڻيو. هاڻ جيڪڏهن انهن ٽن همراهن جي ڳالھه ڪجي جن ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي توهين ڪئي آهي ته سڀ کان پهرين اهو سوال اسان کي پاڻ کان ڪرڻ گهرجي ته آخر هو ڇو توهين نه ڪن؟ گذريل ٽيهتر سالن کان هن عوام کي جهالت کان سواءِ ٻيو ڇا ڏنو ويو آهي.؟ پنهنجي تاريخ کي مسخ ڪري انهن مٿان هڪ ڪوڙي تاريخ ناهي مڙهي وئي؟ ڪروڙين ٻارن کي تعليم کان محروم رکيو ويو آهي ۽ جيڪي اسڪول ويا آهن ته انهن جي ذهنن کي زهريلو بڻائي واپس موڪليو ويندو آهي. سماج جو ڪيترو حصو پنهنجي تاريخي ورثي کان واقف آهي؟ ۽ اسان جا حڪمران آخر انهيءَ اعليٰ تهذيب بابت پنهنجي عوام کي اهو ڇو ٻڌائيندا ته پنج هزار سال اڳ سنڌو جي سيني تي هڪ اهڙي شاهڪار تهذيب جو جنم ٿيو جنهن جو مثال تاريخ ۾ ٻيو ڪٿي به نٿو ملي، جنهن جو شهر اهڙي منصوبابندي سان جوڙيو ويو هو جيڪو آرڪيٽيڪچر جو اعليٰ نمونو آهي. اڄ به پنج هزار سال گذرڻ جي باوجود سنڌ ۾ اهڙو شهر تعمير ناهي ٿي سگهيو جنھن جي نڪاسي آب جو نظام ۽ گهٽين جي ترتيب موئن جي دڙي واري شهر جي برابري ڪندي هجي. اسان جا حڪمران اهو ڪيئن پڙهائيندا ته اتي ڪو بادشاهه جو محل نه هو. سڀ گهر هڪ جهڙا ۽ هڪ جهڙين سهولتن سان آراسته هئا، اهو هڪ غير طبقاتي سماج هو، جتي امير ۽ غريب جو فرق نه هو. عوام تي جبر قائم رکڻ لاءِ ڪو جيل ۽ هٿيار نه هئا. هن ڌرتيءَ تي وجود ۾ ايندڙ ڪشمير کان رڻ ڪڇ تائين ڦهليل اها هڪ اهڙي تهذيب هئي جنهن جو خواب هن خطي جو ڏتڙيل عوام صدين کان ڏسندو پيو اچي.
اعليٰ ثقافت ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن جو تعلق سماج جي خوشحالي سان لاڳاپيل هوندو آهي. جنهن معاشري ۾ بک هجي قلت هجي، آبادي جي اڪثريت اٽي، لٽي، اجهي ۽ روزگار کان محروم ھجي، جنهن سماج ۾ اسي ورهين جون جهونيون عورتون به تتل اس هيٺان هزارن جي تعداد ۾ احساس پروگرام جي سينٽرن ٻاھران خيرات جو انتظار ڪنديون هجن، جنهن سماج ۾ چار سالن جي معصوم ٻارڙن کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي قتل ڪيو وڃي، جتي انسانيت جو تقدس هر روز پامال ٿيندو هجي ته ان سماج ۾ ڪنھن به قسم جي توهين جي توقع ڪري سگهجي ٿي. هي اڻ برابري جي بنياد تي قائم نظام جيترو وقت هلندو اهو انسانيت جي تذليل ۽ تڪليف ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو رهندو. سماج جي سڄاڻ ڌرين کي گهرجي ته ڪنهن فرد جي انفرادي عمل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ بجاءِ ان نظام خلاف ويڙهه ڪن جيڪو اهڙن روين ۽ ثقافتي پسماندگي کي وڌائڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.