توپيار نهين دلدار سهي: ڪورونا وارڊ ۾ ڊاڪٽر جي ناچ تي سڀ حيران!

0
505

نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ ڪورونا جي ڪري ماڻهو سخت پريشان آهن عوام مسئلن ۾ ڦاٿل آهي ان ڪري اسپتال ۾ داخل مريضن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر ناچ ڪيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. ٽوئٽر تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪورونا کان بچاءُ جي حفاظتي ڪٽ پي پي اي ۾ ملبوس هڪ ڊاڪٽر ريٿڪ روشن جيان فلم وار جي گاني گهنگهرو تي رقص ڪري رهيو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب آسام رياست سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر اروپ ڪورونا وارڊ ۾ داخل مريضن کي خوش ڪرڻ لاءِ ناچ ڪئي. سوشل ميڊيا تي نه رڳو ڊاڪٽر اروپ جي جذبي جي ساراهه ڪئي وئي آهي پر سندس رقص ۾ مهارت تي حيرانگي جو اظهار به ڪيو ويو آهي.