اشو آف دي ڊي وزيراعظم قانون تي عمل ڪرائي، عورتن جي ڪپڙن تي نه ڳالهائي: سوشل ميڊيا جو ردعمل

0
385

وزيراعظم عمران خان پاران عورتن بابت بيان ڏيڻ بعد سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ وزيراعظم مٿان تنقيد ڪئي وئي. وزيراعظم کان معافي جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ اي آر امداد سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنهن عام ماڻهو نه پر وزيراعظم پاڪستان عمران خان ”رپپ“ جو جواز عورتن جي مغربي لباس کي قرار ڏنو آهي. جنهن تي سجاد شاهه لکيو ته تازو ئي سنگل نيشنل ڪيريڪولم جي اسلام آباد جي شهر ۾ لاڳو ٿيڻ جنهن ۾ بائيولاجي سبجيڪٽ مان انساني عضون جون تصويرون ۽ ڊائياگرام وغيره ڪڍي ڇڏڻ پڻ ساڳئي ذهنيت جو مثال آهن. جامي چانڊيو لکيو ته اهو هن جي بيمار ذهنيت جو اظهار آهي، جئي پرڪاش موراڻي لکيو ته بيمار ذهنيت جا وڏا مثال اسان جي وچ ۾ موجود آهن. ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مختصر ڪپڙا ريپ جو سبب هجن ها ته يورپ ۾ هر روز هڪ لک عورتون زيادتي جو نشانو بڻجن ها، وزيراعظم کي چئو ته قانون تي عمل ڪرائي ڪپڙن تي نه، نذير سومرو زينب ۽ ٻين متاثر ٻارڙين جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعظم موجب هنن جو لباس به نامناسب هو ان لاءِ ريپ ٿيو؟ فاطمه ڀٽو ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مفتي عزيز پنهنجي شاگرد سان زيادتي ڪئي، ان عمل سان ڊسڪو، نائيٽ ڪلب ۽ گهٽ ڪپڙن جو ڪهڙو تعلق آهي؟ هي ٻولي، سوچڻ جو انداز اڻ لاڳاپيل، تعصب انگيز ۽ زيادتي کي هٿي ڏيڻ وارو آهي، حسين مسرت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعظم جي بيان سان عورتن جي دل آزاري ٿي آهي، عورتن ۾ ڪاوڙ آهي، ڪيئن هڪ مل جو سربراهه ريپ جهڙي ڏوهه کي ڪور ڏئي رهيو آهي؟ هو لاعلم آهي ته هن وقت ننڍي عمر جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين سان جنسي زيادتي جا واقعا وڌي رهيا آهن، وزيراعظم جي سوچ مان ظاهر آهي ته هو مظلوم کي پاڻ کي قصوروار سمجهي رهيو آهي، وزيراعظم نامنظور، سحر ڪامران لکيو ته عمران خان جي ڪِريل سوچ ۽ موقف پنهنجي ڪردار ۽ زندگي جي تجربن تي ٻڌل آهن، پنهنجي ڪمزورين، ڪردار کي بيان ڪندي هن معاشري جي اصولن ۽ قدرن جي توهين ڪئي آهي، صائمه امين لکيو ته وزيراعظم کي پنهنجو علاج ڪرائڻ گهرجي، زنيره چوهاڻ لکيو ته هتي جانورن سان به ريپ ڪيو ويندو ته پوءِ ڇا ان ۾ قصور ڪپڙن جو هوندو آهي، نعمت کهڙو پنهنجي فيس بوڪ وال تي لکيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ريپ معصوم ڇوڪرن، نياڻين ۽ سادا ڪپڙا پاتل عورتن سان ٿيندا آهن، ريپ جا واقعا هي نج لاقانونت آهي جنهن کي وزيراعظم ڪپڙن سان جوڙي ملڪ جون حالتون خراب پيوڪري، ملڪ جو وزيراعظم وحشي درندن کي دعوت ڏئي رهيو آهي ته وڃو وڃي ڪپڙن جي بنياد تي ريپ ڪريو، علي اڪبر شورو، اوشاق علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مَرد روبوٽ ناهن، عورتون مُختصر ڪَپڙا پائينديون ته لازمي طور اُنهن جو اَثر ٿيندو، وزيراعظم جو ريپ جي واقعن بابت شرمناڪ بيان آهي، شفقت سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعظم جو بيان معاشري جو ڪڙو سچ آهي، صدرالدين عمراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعظم اهڙو بيان ڏئي پاڪستان کي افغانستان بڻائي چاهي ٿو.