ڀوربن(م ڊ) اسٽيٽ لائف ڪارپوريشن پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مضبوط نتيجن جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو جشن ملهائڻ لاءِ ڀوربن ۾ سالياڻو مارڪيٽنگ ڪنوينشن ٿيو. هن سال اداري جي پريميئم آمدني ۾ 279 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي جيڪو گذريل سال کان 64 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جڏهن ته سيڙپڪاري ۾ 122 ارب رپين کان وڌيڪ فائدو ٿيو. پاليسي هولڊرز کي 167 ارب رپين جا ڪليم ادا ڪيا ويا ۽ بونس 95 ارب جو ڏنو ويو. ڪمپني جا اثاثا 1.56 کرب کان وڌيڪ جا ٿي ويا آهن پاڪ لائف فنڊ 1.4 کرب جو آهي. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اسٽيٽ لائف جي چيئرمين شعيب جاويد حسين چيو ته ملڪ جي معيشت لاءِ ترقي ڪندڙ متحرڪ انشورنس انڊسٽري ضروري آهي.