ملير( رپورٽر) ملير ضلعي ۾ برسات سٽيلن لاءِ قائم ڪيل ميگا ٽينٽ سٽي ۾ بجلي، پاڻي، علاج، کاڌ خوراڪ وارين سهولتن جي اڻهوند  خلاف متاثرن شفيع احمد چنا، غلام قادر چنا، غلام سرور راهوجو، شاهنواز کوسو، ارشاد احمد ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي هنن چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ ڏنل سهولتون واپس ورتيون پيون وڃن،ضلعي انتظاميا بجلي، پاڻي ۽ فلاحي ادارن پاران قائم ڪيل بورچي خانو بند ڪيو ويو آهي ته جيئن برسات متاثرن کان ٽينٽ سٽي خالي ڪرايو وڃي، هنن الزام هنيو ته  رات جي وقت سول ڪپڙن ۾ ايم ڊي اي ملازم ٽينٽ سٽي ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪرڻ سان گڏ ڌمڪيون ڏين ٿا ته فوري طور ٽينٽ سٽي خالي ڪريو، ڪيترن ٻوڏ متاثرين کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هنن چيو ته ضلعي انتظاميا پاڻي جون ٽانڪيون ۽ ٻيو سامان کڻائي چڪي آهي، هاڻي بجلي جا ٿنڀا ۽ ٽرانسفارمر به لاهڻ جي چڪر ۾ آهي، متاثرين جو چوڻ هو ته اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پوليس اسان جو تحفظ ڪرڻ بجاءِ ٽينٽ سٽي خالي ڪرڻ جي لاءِ مجبور ڪري رهي آهي، حڪومت اسان لاءِ ڪنهن به رليف جو اعلان ناهي ڪيو ۽ ۽ نه ئي ڪا مالي مدد ڪئي آهي،  هنن چيو ته اسان پيپلز پارٽي جا ووٽر آهيون، آصف علي زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ٽينٽ سٽي  جون بند ڪيل سهولتون بحال ڪن