فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج تعلقي جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ، تيل قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران مهراڻ هاءِ وي کان ريلي ڪڍي پڪا چانگ پهچي احتجاج طور ڌرڻو هنيو ويو. رپورٽ موجب فيض گنج تعلقي جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ، تيل قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن، آبادگارن، هارين، سول سوسائٽيءَ جي نمائندن ۽ سوين شهرين پاران غلام مصطفيٰ بگهڙ، تصوير باقي، شاذ خادم شر، رياض شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مهراڻ هاءِ وي کان پيادل ريلي ڪڍي پڪاچانگ مين چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيو ته ملڪ اندر تيل مهانگو ڪري عوام سان وڏو  ظلم ڪيو ويو آهي. ان سان عام واهپي وارين شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن. هاڻي ته غريب ماڻهو هڪ ڪلو اٽو به خريد ڪري نٿو سگهي. بدامني ايتري وڌي وئي آهي جو ماڻهو پنهنجو ڪاروبار ڪري نٿا سگهن. هنن جو چوڻ هو ته فيض گنج تعلقي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، ڪنهن به سار نه لڌي آهي، ماڻهو بک سبب مري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته  تيل جي وڌايل اگهه واپس وٺي بدامني تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. برسات متاثرن کي گهربل سهولتون فراهم نه ڪيون ويون ته ڊي سي آفيس اڳيان احتجاج ڪنداسين.