توشه خانه ڪيس، عمران خان جو قافلو اسلام آباد ۾ داخل

0
154

پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس۾ پيشي جي لاءِ زمان پارڪ لاهور کان قافلي سان گڏ اسلام آباد طرف گامزن آهي، ٻئي پاسي لاهور اسلام آباد موٽر وي ٽول پلازه جو ڪنٽرول پوليس سنڀالي ورتو آهي ۽ عمران خان کي ٽول پلازه وٽ روڪيو ويو هو، هاڻ عمران خان جو قافلو اسلام آباد ۾ داخل ٿي ويو آهي

عمران خان جي عدالت ۾ پيشي دوران اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي جڊيشل ڪمپليڪس ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي بند، صحافين ۽ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ داخلا تي پابندي

پنجاب سرڪار طرفان راولپنڊي ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو، اسلام آباد ۾ اڳ ئي قلم 144 لاڳو ٿيل، ريلين، ماڻهن جي ميڙ ۽ هٿيارن جي نمائش تي پابندي، اسلام آباد واسين کي غيرضروري چُرپر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت، آءِ جي اسلام آباد پاران جڊيشل ڪمپليڪس پهچي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو ويو

ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ۽ پوليس آمهون سامهون، عمران خان جي وڪيلن جي پوليس اهلڪارن سان منهن ماري ٿي، پي ٽي آءِ اسلام آباد جا مختلف رستا بند ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

بابر اعواڻ مقامي عدالت ۾ درخواست داخل، درخواست چيو ويو آهي ته پوليس ۽ انتظاميا سيڪيورٽي جي نالي تي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي، کُليل عدالت ۾ وڪيلن ۽ ميڊيا تي پابندي جو ڪوبه جواز ناهي، عدالت کي سيڪيورٽي جي ناقص انتظامن جو نوٽيس وٺڻ جي استدعا ڪئي وئي

فواد چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد جا اندروني رستا ترت کوليا وڃن، سيڪيورٽي انتظامن جي نالي تي دهشتگردي قبول ناهي، سيڪيورٽي انتظامن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رِٽ پٽيشن داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

زمان پارڪ ۾ آپريشن: پوليس گيٽ ٽوڙي عمران خان جي گهر ۾ داخل