ڪرمپور: عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي طرف ويندڙ نوجوان کي پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.  ٺل جي ڳوٺ ڇٽو ڊول جو رهواسي نوجوان فياض ڊول هرکجي ڪچي طرف وڃي رهيو هو ته جمال ٿاڻي جي پوليس کيس پڪڙي ورتو. ايس ايڇ او جمال ٻڌايو ته نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي طرف وڃي رهيو هو ته ڏوهارين جو نمبر ٽريس ڪري نوجوان کي روڪي اغوا ٿيڻ کان بچايو آهي پوليس نوجوان جي وارثن کي گهرائي کيس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.