لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ايليمينيٽر ميچ ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. پي ايس ايل _8 جي ايليمينيٽر ميچ ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي پشاور زلمي جي ٽيم 5 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهيون. پشاور پاران محمد حارث شاندار بيٽنگ ڪندي 85 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم 42 رنسن سان نمايان رهيو. لاهور جي بالرن ۾ راشد خان ۽ زمان خان ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ڪپتان شاهين آفردي هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جواب ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم 19هين اوور ۾ 6 وڪيٽن تي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. لاهور جو مرزا بيگ 54 رنسون ٺاهي نمايا رهيو. پشاور جي بالرنگ ۾ عضمت الله هڪ وڪيٽ روتي جڏهن ته وهاب رياض، امير جمال ۽ سلمان ارشاد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. اڄ لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ فائنل کيڏيو ويندو.