زمان پارڪ ۾ آپريشن: پوليس گيٽ ٽوڙي عمران خان جي گهر ۾ داخل، هٿيار هٿ

0
210

عمران خان جي اسلام آباد روانگي بعد لاهور جي زمان پارڪ ۾ پوليس طرفان آپريشن ڪيو ويو آهي، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس پاران عمران خان جي گهر مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

آپريشن دوران عمران خان جي گهر مان پي ٽي آءِ ڪارڪنن  طرفان پوليس تي پٿراءُ ڪيوويو، ڪرين مشينون به پهچايون ويون

آپريشن دوران پوليس سان گڏ ائنٽي انڪروچمينٽ ٽيم به موجود آهي، ڪرين سان عمران خان جي گهر جو گيٽ ٽوڙيو ويو

عمران خان جي گهر جي ڀرپاسي موجود ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ جون اپيلون ڪيون ويون آهن

عمران خان ٽوئيٽ بيان ۾ آپريشن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته زمان پارڪ ۾ منهنجي گهرواري بشريٰ بيگم موجود آهي، پوليس ڪهڙي قانون تحت آپريشن ڪري رهي آهي؟

ٻئي پاسي آءِ جي پنجاب چيو آهي ته زمان پارڪ ۾ عمران خان جي گهر مان هٿيار مليا آهن، قانوني طريقي سان آپريشن ڪيو ويو، حڪومت قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪئي، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين، زمان پارڪ ۾ عمران خان جي گهر اندران پوليس تي پيٽرول بم اڇلايا ويا

وفاقي گهرو وزير طرفان زمان پارڪ ۾ عمران خان جي گهر مان شرپسند ۽ دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته زمان پارڪ ۾ نوگو ايريا ختم ڪيو ويو آهي، پوليس بي هٿيار ٿي علائقي کي ڪليئر ڪيو آهي

زمان پارڪ ۾ موجود دهشتگردن کي گرفتار ڪيو اٿئون، زمان پارڪ ۾ بم ٺاهڻ جي فيڪٽري هئي، آءِ جي پنجاب ڪجهه دير ۾ حقيقتون عوام آڏو پڌريون ڪندو

عمران خان کي عدالتن مان رليف ملي ٿو ۽ سندس ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪيو ويندو آهي، پوءِ اسان ڪير ٿيندا آهيون جو کيس گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيون

عمران خان عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي ڪاررائين جو مقصد به اهو ئي هو، حڪومت عدالتي فيصلن تي عمل ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ قدم کڻندي، جيڪو ماڻهو مخالفن سان ڳالهين لاءِ تيار نه آهي، اُن جو چهرو وائکو ٿي ويو

هي به پڙهندا

حڪمرانن مون کي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي: عمران خان

لاهور پوليس جو زمان پارڪ ۾ آپريشن، گرفتاريون شروع