ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته نه پيپلز پارٽي سنڌين جي جماعت آهي ۽ نه ئي وري ايم ڪيو ايم مهاجرن جي ٺيڪيدار آهي، نه ايم ڪيو ايم سنڌ کي ٽوڙيندي ۽ نه وري پيپلز پارٽي ڌرتيءَ ماءُ کي بچائي سگھندي. ٻئي جماعتون مهاجرن ۽ سنڌين ۾ نفرت وڌائڻ جي سياست ڪري رهيون آهن، اسان سنڌ کي فساد طرف وڃڻ نه ڏينداسين، نئين صوبي جي ڳالهه ڪندڙن کي چيلنج ڪريان ٿو ته مون سان مناظرو ڪن، جيڪڏهن اهي مون کي قائل ڪري ويا ته سنڌين کي ٻانهون ٻڌي نئين صوبي واري تحريڪ ۾ شامل ٿي ويندس. هڪ بيان ۾ هن سنڌ جي 95 سيڪڙو مسئلن جو 3 نقاطي حل ڏيندي چيو ته وفاقي سرڪار اين ايف سي ايوارڊ کي پي ايف سي ايوارڊ سان مشروط ڪري، ارڙهين ترميم ذريعي اختيار ۽ وسيلا هيٺين سطح تائين منتقل ڪرايا وڃن، مڪاني نظام وارو سبجيڪٽ آئين ۾ شامل ڪري سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جا سمورا ادارا ميئر جي ماتحت ڪيا وڃن. هن چيو ته سنڌ ۾ 8 هزار 372 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن پر صوبي جي ڪنهن به اسپتال ۾ ڪُتي ڏاڙهڻ واري ويڪسين موجود ناهي، هن چيو ته اسان سنڌين نه پر پيپلز پارٽي جي ظلمن جي خلاف آهيون. سنڌ جي ٻين سياسي جماعتن فنڪشنل ليگ، جي ڊي اي، جتوئي ڀائرن، شيرازين، مهرن ۽ ٻين سياستدانن کي ڪراچي سان ٿيندڙ پيپلز پارٽي جو ظلم نظر نه پيو اچي.