چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ لڳ جتوئي برادري جي ٽن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ڳوٺ تي هٿياربندن جي حملي ۾ نينگر مارجي ويو، پيءُ زخمي، ڌرين ۾ 6 ڪلاڪ فائرنگ، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، چڱن مڙسن جي مداخلت بعد مڙهه پوليس کڻائي سگهي. خبر موجب ٽو باءِ فور واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٽن ڌرين ڪمالاڻي، سعدخاناڻي ۽ عطراڻين وچ ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان عطراڻي ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ جوايو ڪمالاڻي تي حملو ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، جيڪا 6 ڪلاڪن تائين وقفي وقفي سان جاري رهي، اطلاعن موجب ٻنهي ڌرين پاران گهرن تي راڪيٽ لانچر جا 5 گولا فائر ڪيا ويا، جنهن ڪري علائقي ۾ خوف هراش ڦهلجي ويو، فائرنگ ۾ 15 ورهين جو نينگر نورحسن ڪمالاڻي قتل ٿي ويو، جڏھن ته پٽ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ پيءِ بهادر ڪمالاڻي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ڳوٺاڻن جي جوابي فائرنگ ۾ 2 هٿياربند نور محمد عطراڻي ۽ منظور سعدخاناڻي سميت هڪ ناري پڻ زخمي ٿي پيا، اطلاع باوجود رستم پوليس 4 ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ پهتي پر مقتول نينگر جو لاش کڻائي نه سگهي، بعد ۾ چڱن مڙسن جي مداخلت تي نينگر جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيڪو ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، ياد رهي ته ٽنهي ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان ڪجهه مهينن دوارن هڪ عورت سميت 8 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.