ارطغرل غازي جي ھيرو فراڊ ڪندڙ ڪاشف ضمير جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
794

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) عدالت ترڪي جي اداڪار انگين آلتان سان فراڊ جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارڪاشف ضمير کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي، پوليس ٽڪ ٽاڪر ڪاشف ضمير کي جعلسازي جي ڪيس ۾ جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ جاچ آفيسر ٻڌايو تھ جوابدار ڪاشف ضمير کان جاچ رھيل آھي، جوابدار جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي، عدالت پوليس جي جاچ آفيسر جي بيان بعد جوابدار ڪاشف ضمير جي جسماني رمانڊ جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ڪجھ ڪلاڪن بعد ٻڌايو، عدالت پوليسجي استدعا منظور ڪندي جوابدار ڪاشف ضمير کي ٻن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو، ياد رھي تھ جوابدار ڪاشف ضمير ترڪ اداڪار کي پاڪستان گھرائي 9 ڪروڙ رپين جو فراڊ جو الزام آھي.