سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ميمبرز پاران ھڪٻئي تي الرون

0
212
سنڌ ۾ نئون مڪاني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ھڪ ڀيرو وري گوڙ ٿيو، پ پ ايم پي اي ذوالفقار شاهه پاران پي ٽي آئي ٽي تنقيد دوران مخالف ڌر ۽ سرڪاري ميمبرن جون هڪ ٻي تي الرون ڪيون ويون، ذوالفقار شاهه جي ڊي اي ايم پي اي وزير اعظم عمران خان ۽ وفاقي وزيرن جا نالا کڻي تنقيد ڪئي ته پي ٽي آئي ميمبرن ۽ صوبائي وزير مڪيش ڪمار ۾ منهن ماري ٿي پئي ، ٻنهي پاسن جا ميمبر الرون ڪندا هڪ ٻي ڏانهن وڌيا ته ساٿي مميبر وچ ۾ اچي ويا ، ايوان ۾ هل هنگامو ٿي ويو، مڪيش ڪمار جو چوڻ ھو تھ ارسلان تاج اسان جي قيادت خلاف ڳالهايو ته ان کي ڇو نه روڪيو ويو، پي ٽي آئي وارا مڪيش ڪمار ڏي وڌيا ته پ پ ايم پي اي سعديا جاويد، سعيد غني ۽ ٻيا اڳيان اچي ويا.