ارشد شريف جي معاملي تي ڪنھن به فورم تي گھرايو وڃي، تفصيل سامھون آڻيندس: عمران خان

0
316

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون ارشد شريف کي ملڪ ڇڏڻ جو مشورو ڏنو آهي، جيڪڏهن ان معاملي تي گهرايو ويو ته سمورا تفصيل سامهون آڻيندس

هڪ اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ پرامن هوندو، جڏهن مارچ اسلام آباد پهچندو ته انگ اکر ٻڌائيندو ته پاڪستاني جلد چونڊون چاهين ٿا، دنيا کي ٻڌائڻ جي ضرورت آھي تھ پاڪستان بنانا ري پبلڪ ناھي

هن چيو ته مون ارشد شريف کي ملڪ ڇڏڻ جو مشورو ڏنو، جيڪڏهن کيس ڪنهن به فورم تي دعوت ڏني وئي ته سمورو تفصيل آڻيندس

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سياسي حڪومتون تبديل ڪرڻ وارا پنهنجي اداري ۾ حڪومتون تبديل نه ڪرڻ ڏيندا، ٻي صورت ۾ عوامي مينڊيٽ جي اهميت هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي

فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي عمران خان چيو ته غير معمولي جھيڙن ۾ پيادو پنھنجي اوقات کان وڌيڪ ڪم ڪري ويندو آھي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ، فيصل واوڊا جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي

عمران خان جَي لانگ مارچ ۾ بي گناهه ماڻهن جا جنازا ڏسي رهيو آهيان: فيصل واوڊا