پي ٽي آءِ، فيصل واوڊا جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي

0
359

ڪراچي: پي ٽي آءِ فيصل واوڊا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي سندس بنيادي ميمبر شپ معطل ڪري ڇڏي آھي، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي پاران جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس موجب فيصل واوڊا پارٽي خلاف پريس ڪانفرنس ڪرڻ جِي ٻن ڏينهن اندر وضاحت ڏئي

اسد عمر چيو آهي ته فيصل واوڊا جو بيان پارٽي  پاليسي ۽ نظرئي جي نمائندگي نه ٿو ڪري، عمران اسماعيل چيو ته فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس سمجهه کان ٻاهر آهي

عمران اسماعيل موجب  خبر ناهي ته واوڊا ڪنهن جي چوڻ تي ڳالهائي رهيو آهي، سندس پريس ڪانفرنس جو ڪهڙو مقصد هو؟، لانگ مارچ پر امن هوندو، لاشن جي سياست عمران خان جو وَڙ ناهي

ھي به پڙھندا

عمران خان جَي لانگ مارچ ۾ بي گناهه ماڻهن جا جنازا ڏسي رهيو آهيان: فيصل واوڊا