عمران خان جَي لانگ مارچ ۾ بي گناهه ماڻهن جا جنازا ڏسي رهيو آهيان: فيصل واوڊا

0
197
القادر ٽرسٽ جو ماسٽرمائينڊ فيض حميد آهي: فيصل واوڊا
القادر ٽرسٽ جو ماسٽرمائينڊ فيض حميد آهي: فيصل واوڊا

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته عمران خان جَي لانگ مارچ ۾ بي گناهه ماڻهن جا جنازا ڏسي رهيو آهيان، امپورٽڊ شخصيتون مارچ ۾ معصوم شهرين جا لاش ڏيڻ جِي سازش ڪري رهيون آهن

پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا پريس ڪانفرنس ڪندي چيوته صحافي ارشد شريف جَي قتل جِي سازش پاڪستان ۾ ٿي، ارشد شريف کي سازشين ڌمڪايو ۽ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو

PTI's 'long march' - Editorials - Business Recorder

پريس ڪانفرنس دوران ھن چيو تھ  دبئي مان ارشد شريف کي زبردستي ڪڍڻ واري ڳالهه دُرست ناهي، ارشد شريف جو موبائيل فون ۽ ليپ ٽاپ ڪڏهن نه ملندا، سندس قتل جون سموريون شاهديون ختم ڪيون ويون آهن

فيصل واوڊا چيو ته ارشد شريف کي ڪينيا موڪلڻ پٺيان اُهي ماڻهو آهن، جيڪي ملڪ ٽوڙڻ چاهين ٿا، مان ارشد شريف سان آخري وقت تائين رابطي ۾ هئس، ڀلي منهنجي فون جو فارنزڪ ڪرايو وڃي

ھن چيو تھ مقتول کي پاڪستان ۾ ڪو خطرو نه هو، سندس اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا هئا، سازشي ماڻهن کي چوان ٿو ته مون کي ڪجهه ٿيو ته اُهي به مارجي ويندا

ھي به پڙھندا

عمران خان خلاف توهين ڪيس ۾ فرد جرم کانسواءِ ٻيو آپشن نه هوندو: اليڪشن ڪميشن

عمران خان جو لانگ مارچ انقلاب لاءِ نه پر مرضي جو آرمي چيف لڳرائڻ لاءِ آهي: نواز شريف