ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گھر جي ڇت ڪري پئي، عورت پنهنجي نوجوان ۽ کير پياڪ ڌيئرن سميت ملبي هيٺان دٻجي فوت، هڪ زخمي، لياري جي عثمان آباد واري علائقي ۾ گھر جي ڇت پٽ پئجي وئي. اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهتيون،جن ملبي هيٺان عورتن ۽ ٻارن جا 3 لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا، هڪ نوجوان کي زخمي حالت ۾ ڪڍي اسپتال نيو ويو.  فوتين جي سڃاڻپ 37 ورهين جي زبيده، سندس نوجوان ڌيءَ آسمين ۽ کيرپياڪ ڌيءَ سارا جي نالي سان ٿي، سارا جي عمر 15 ڏينهن آهي. ايس ايس پي سٽي موجب واقعي ۾ هڪ نوجوان 17 ورهين جو قادر زخمي ٿي پيو، جنهن حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ايس ايس پي موجب گھر جي عمارت ڪمزور ۽ پراڻي عمارت هئي، اوچتو ڇت ڊهي پٽ پئجي وئي، جنهن سبب جاني نقصان ٿيو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون