پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل ويجهو فائرنگ، پراڻي دشمنيءَ تان ھڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي، پنجن ڄڻن تي ايف آءِ آر داخل. خبر موجب پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد ۾ اربع تي رات جو جوابدارن فائرنگ ڪري واجد ماڪو کي قتل ۽ ذوھيب ماڪو کي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نوجوان کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو. مقتول جي لاش کي پنوعاقل مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي زخمي زوهيب ماڪو جي فرياد تي بائجي ٿاڻي تي پنجن جوابدارن غلام علي چاچڙ، شاھ بيگ چاچڙ، رابيل چاچڙ، اربيلو ورند ۽ ذوالفقار ورند مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي. ياد رھي ته 2020 ۾ ماڪو ڌر جي ھٿياربندن چاچڙ ڌر جي پيءُ پٽ پرويز ۽ اربيلو چاچڙ کي قتل ڪيو هو، ڄاڻايل ڪيس ۾ ٻه ھفتا اڳ سکر جي عدالت گرفتار ٿيل چئن جوابدارن توقير ماڪو، آزاد ماڪو، فلڪ شير ۽ فيصل ماڪو کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.