ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي تعليم کاتي جي صوبائي وزير پاران صوبي ۾ تازو ٿيل ڀرتين دوران اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ سميت پابندي وارن عهدن تي بدلين ۽ مقررين ٿيڻ، گوسڙو استادن ۽ ٻئي عملي خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ سميت لُڪ آفٽر ۽ ڊيپوٽيشن تي مقررين وارا معاملا سامهون اچڻ کان پوءِ صوبائي وزير سردار شاھ نوٽيس وٺندي 28 آڪٽوبر تي کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس گھرائي ورتو آهي. اجلاس ۾ سمورن ضلعن جي ڊي اِي اوز، ڊائريڪٽرن توڙي مانيٽرنگ آفيسرن ۽ لاڳاپيل شعبن جي آفيسرن کي شرڪت لاءِ پابند بڻايو ويو آهي. واضح رهي ته ڪافي ضلعن جي ڊي اِي اوز پاران 15 آڪٽوبر تائين آفر آرڊر مڪمل ڪرڻ واري صوبائي وزير جي وارننگ باوجود ڀرتين وارو عمل مڪمل نه ڪيو هو، ۽ پي ايس ٽي توڙِ جي اِي ايس ٽيز جون سيٽون ڊي اِي اوز پاران لڪائڻ جون به صوبائي وزير تعليم وٽ شڪايتون پهتيون جنهن بعد صوبائي وزير پاران سمورن ڊي اِي اوز کي وضاحت سميت سمسورا تفصيل آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.