حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ اربن فاريسيٽ جي زمين تي مبينا قبضي خلاف داخل درخواست تي ڊائريڪٽر سيٽلمينٽ سروي کي زمين جي ٻيهر سروي ڪري ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. قاسم آباد واسي امام بخش وڪيل شهزاد علي شاهه معرفت پٽيشن داخل ڪرائي هئي ته ديهه شاهه بخاري ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي مقامي بااثر ماڻهن قبضو ڪري زمينون بلڊرز حوالي ڪري ڇڏيون آهن جتي هن وقت مختلف نالن سان هائوسنگ اسڪيمون شروع ڪيون پيون وڃن. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ڪئي. فاريسٽ عملدار ثناءُ الله بليدي ۽ لاڳاپيل مختيارڪار پيش ٿيا. عدالت پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي پاڪستان جواليڪل کاتي کي زمين جي سروي جو حڪم ڏنو هو اها رپورٽ ڪٿي آهي. عملدارن چيو ته لاڳاپيل اداري پاران سروي بعد ٺاهيل رپورٽ جمع ڪرائي آهي. 75 ايڪڙ زمين غير قانوني الاٽ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي پر قبضي بابت ڪا به نشاندهي نه ٿي آهي. وڪيل ڄاڻايو ته ٻيلي کاتي جي سوين ايڪڙ زمين تي قبضو آهي اتي هاڻي به غيرقانوني طور اڏاوتي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ سروي دوران روينيو کاتي جي عملدارن توڙي پٽيشنرز کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.