خانپور (ن پ ا) خانپور تعلقو بدامنيءَ جي باھ ۾ سڙڻ لڳو اغوا جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آھي. خانپور تعلقي جي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد سونواهه اسٽاپ ڀرسان زمين ۾ ھر کيڙيندڙ ڳوٺاڻي شرف الدين پھوڙ کي ٽريڪٽر سميت ھٿياربند اغوا ڪري ويا،  اطلاع تي پوليس ۽ ڳوٺاڻن پيرا کنيا، جيڪي ڪچي واري علائقي 10 ميل ۾ گم ٿي ويا، يو سي آريجا چيئرمين عبدالحئي پھوڙ، ولي الله پھوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ انڊس ھاءِ وي  فيضو اسٽاپ وٽ ڌرڻو ھنيو ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته خانپور تعلقو ڏوھارين جو قلعو بڻيل آهي، چوري، ڦر ۽ اغوا روز جو معمول بڻيل آھي. پوليس امن و امان بحال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي  وئي آهي.ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان گهر ڪئي ته مغوي کي بازياب ڪرائي امن امان بحال ڪرايو وڃي.