بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ لقائو بنگوار ويجهو بي ايس فيڊر لوهي پُل وٽ مڇي جي فارم تان هٿياربند ڳوٺ دڙي سندراڻي واسي چوڪيدار غلام رسول ولد عاشق ميراڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا .رهزن بنگوار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربند مڇي فارم تان ٽن ڄڻن علي بنگوار، يونس چاچڙ ۽ غلام رسول ميراڻي کي اغوا ڪري ويا.علي بنگوار ۽ يونس چاچڙ جا هٿ پير ٻڌي پلال ۾ ڇڏي غلام رسول ميراڻي کي  ڪچي طرف کڻي ويا آهن، اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو آهي.پوليس موجب هٿياربند غلام رسول ميراڻي کي اغوا ڪري ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.