ادب جو نوبيل انعام تنزانيا جي ناول نگار عبدالرزاق گرناه جي نالي

0
207
ادب جو نوبيل انعام تنزانيا

ڪراچي (م.ڊ) ادب جو 2021 جو نوبيل انعام تنزانيه ڄائي عبدالرزاق گرناهه کٽي ورتو آهي. عبدالرزاق گرناهه 1948ع ۾ زنجبار ۾ پيدا ٿيو، جيڪو هن وقت برطانيه ۾ مقيم آهي.

کيس سندس لکڻين ۾ بيٺڪيتي دور جي اثرن  کي مڪمل غير جانبداري ۽ مختلف تهذيبن وچ ۾ پناهگيرن جي دردن کي چٽڻ تي ڏنو ويو. عبدالرزاق جي مشهور ناولن ۾ پيراڊائيز، ڊيسرشن ۽ باءِ دي سي شامل آهن.