لاڙڪاڻي پوليس جي گھرن تي چڙھائي، فائرنگ، وڊيو وائرل

0
170
پوليس جي گھرن تي چڙھائي

لاڙڪاڻو(ن پ ا) لاڙڪاڻي پوليس جي وچ شھر ۾ گھرن اندر چڙھائي دوران ھوائي فائرنگ جي وڊيو وائرل ٿي وئي، جڏهن ته  مظاھرين جو ٻن ڪلاڪن کان ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو جاري آهي.

رحمت پور ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني جي شاھو ٻوراھو ۾ پوليس منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪندي گھرن تي چڙھائي ڪئي.

چڙھائي دوران پوليس ۽ گھر ڌڻين ۾ ڇڪتاڻ تان پوليس فائرنگ ڪري ڏني جنهن تان عورتن ۽ مردن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس ھوائي فائرنگ ڪري پئي جنهن سبب عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا، گھرن تي چڙھائي واري عمل خلاف بروھي برادري جو ايس ايس پي چوڪ بلاڪ ڪري 2ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات فروش امير يوسف کي گرفتار ڪيو ته مزاحمت ڪئي وئي جنهن تي ڪجهه اھلڪار زخمي به ٿيا آهن.