اداڪاره ناديه جميل ڪينسر مان صحتياب ٿي وئي

0
507

ڪراچي (م.ڊ) پاڪستاني اداڪاره ناديا جميل جو چوڻ آهي ته هوءَ ڪينسر مان شفاياب ٿي چڪي آهي ۽ هن جي ڪينسر جا سمورا ٽيسٽ ڪليئر آيا آهن. اداڪاره انسٽاگرام تي پنهنجي مرڪندڙ تصوير پوسٽ ڪندي لکيو ته هن ڪينسر کي باقاعده طور شڪست ڏئي ڇڏي آهي، خدا جي فضل سان ڪينسر جا سمورا ٽيسٽ ڪليئر آيا آهن. ناديا جميل پنهنجي پوسٽ ۾ سڀني ماڻهن جا پنهنجي محبت ، دعائن ۽ تعاون لاءِ ٿورا مڃيا. پنهنجي پوسٽ ۾ ، اداڪاره ڪينسر جي خلاف جنگ ۾ وقت ۽ ساٿ ڏيڻ تي پنهنجي دوستن ۽ ساٿي اداڪارن جو به شڪريو ادا ڪيو.