بحريه ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ رينجرز 5 قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو

0
377

ڪراچي: رينجرز مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي بحريا ٽائون آڏو احتجاج دوران باھيون ڏيڻ ۽ لٽ مار ڪرڻ جي الزام ۾ 5 قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار تازو بحريه ۾ لٽ مار، باھيون ڏيڻ ۽ خوف ڦھلائڻ ۾ ملوث آھن. گرفتار جوابدارن ۾ امير عباسي، معشوق علي، شفقت عرف ڪامريڊ ديشي، پرويز آريجو ۽ حيدر عباس شامل آهن. ترجمان موجب صنعان خان قريشي، پرويز ٻگھيو، عبدالرئوف ڪاٺيو، حبيب گولو، علي حسن وليجو ۽ صدرالدين ٿھيم کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو ھو. رينجرز ترجمان موجب جوابدار منصوبابندي تحت ساٿين سان گڏجي بحريه ۾ داخل ٿيا، جوابدارن جي ھٿ ۾ لوھي پائيپ، باھ ڏيندڙ مواد ۽ ڏنڊا ھئا.