احساس راشن جي رجسٽريشن لاءِ ايس ايم ايس سروس جو آغاز

0
543
احساس راشن جي رجسٽريشن

ڪراچي(م ڊ) وفاقي حڪومت پاران احساس راشن جي رجسٽريشن لاءِ ايس ايم ايس سروس شروع ڪئي وئي آهي، وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس راشن جي رعايت لاءِ هر خاندان جو صرف هڪ فرد مستحق هوندو، خاندان جو ڪو به فرد رجسٽريشن لاءِ شناختي ڪارڊ نمبر موڪلي سگهي ٿو

هن چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ نمبر سندس نالي تي رجسٽرڊ موبائل سم مان موڪليو وڃي احساس راشن رعايت پروگرام مان2 ڪروڙو خاندان مستفيد ٿيندا، ڪريانه مالڪ راشن پروگرام لاءِ صرف احساس راشن ويب پورٽل تي ئي رجسٽر ٿيندا