قاضي فيض محمد، ھڪ دور جي تاريخ

0
441
قاضي فيض محمد، ھڪ دور جي تاريخ

اھا سر زمين سنڌ جي قدرت طرفان عطا ڪيل وڏي خوش بختي آھي جو ھن ڌرتيءَ جي مٽيءَ منجھان اھڙا انيڪ انسان پيدا ٿيا جنھن جي سوچ ۽ فڪر جي خوشبو اڄ جي سنڌ جي ان با شعور نوجوان جي ذھن ۾ ايئن موجود آھي جيئن سندن وجود ۾ امڙ جو کير رت بڻجي وجود ۾ رقص پيو ڪري. سنڌ جو نوجوان جيڪو ھن گلوبل وليج ۾ آسمان کان ھيٺ لھي ايندڙ انٽرنيٽ جي مدد سان ھن ماڊرن دنيا سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺو آھي ۽ پنھنجي ذھني توڙي عملي جدوجھد ۾ انسانن جي ڀلائي ۽ پنھنجي ديس جي ماڻھن جي ڀلائي لاءِ ميدان عمل آھي.

ان نوجوان کان ويندي ٿر  جي ڪنھن بجلي کان محروم جھوپڙي جي ان ڀاڳن ڀري عورت جيڪا اڄ جي دور جديد ۾ به لالٽين جي روشني ۽ ڪاٺين تي پنھنجي گھر جي چلھه گرم ڪرڻ تي مجبور آھي ۽ سنڌ جي ھاري ،مزدور،عام شھري توڙي ڳوٺاڻي ماڻھو جي اھا ڀلاري خواھش رھي آھي ته ھو پنھنجي وسيلن جا پاڻ مالڪ ٿين ۽ صدين کان ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار ٿيندڙ جاگيردار ۽ سرمائيدار جي ڄڻ ته زرخريد غلام  ھارين توڙي مزدورن سان انصاف ٿئي جيئن ھو پنھنجي ڌرتيءَ تي سڪون،امن،پيار،پنھنجائپ سان باوقار زندگي گذارين ۽ شادمانيون ماڻين.

انھن ڏکن جي ماريل پيٽ بکايل ماڻھن جي لاءِ ھر وقت جاگيردارن،سرمائيدارن ۽  حڪمرانن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ ۽ انھن ذلتن جي ماريل انسانن جي خوشحالي لاءِ جدوجھد ڪندڙ سنڌ جو عظيم ڪردار سائين قاضي فيض محمد به ھڪ آھي، جنھن ھالاڻي سان تعلق رکندڙ صديقي فيملي جي خوشحال گھراڻي ۾ قاضي نبي بخش جي گھر ۾ 23 نومبر 1908ع تي اک کولي ۽ دنيا کي ان گھر منجھه ڏٺو. ھن جي زندگي جا رستا ڏکن ڏوجھرن جي پٿرن سان ھن جو استقبال ڪندا رھيا ۽ ھي عظيم انسان ۽ روشن ضمير ايماندار انسان جنھن عام ماڻھن جي روشن مستقبل ۽ انھن جي ڦٽن تي پھا رکڻ لاءِ ان رستي تي پٿون ٿيل پيرن سان ھلندو رھيو پر ڪڏھن شڪايت نه ڪيائين:

ھلندي ھوت پنھون ڏي پيرين پنڌ ڪندياس

سندس پيدائش جي پھرئين سال ئي گھر جا سڀئي مرد ھي جھان ڇڏي اڻڄاتل سفر ڏانھن ھليا ويا. سائين جي ايم سيد وانگر ھن معصوم ٻالڪ جي پالنا ۽ تربيت گھر جي عورتن ھٿان ٿي. ھن ست درجا تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪجھه مالي مجبورين جي ھٿان مجبور ٿي ھو تعليم ڇڏي درزڪي ڪم جي مزدوري ۾ لڳي ويو. جڏھن ته سندس والده محترمه فطري طور ٻي شادي ڪئي جيڪا جھوري ھن معصوم کي ويتر جھوري وئي.

پنھنجي والد جي دوست جي ھمدردي جي ڪري ھو ٻيھر اسڪول ۾ داخل ٿي پنھنجي تعليم کي لڳي ويو (اھو والد جو دوست سيد غلام رسول شاهه ھو جنھن پير صبغت الله شاهه کي انگريز جي حڪم جي پوئلڳي ڪندي گرفتار ڪيو ۽ حرن ھٿان قتل ٿي ويو) 1922ع ۾ سندس ملاقات علامه آءِ آءِ قاضي سان خيرپور ۾ ٿي، جتي علامه صاحب سيشن جج ۽ پاڻ اتي ھاءِ اسڪول ۾ تعليم پئي حاصل ڪيائين ان اتفاقي ملاقات کانپوءِ ھو علامه صاحب کي پيءُ ۽ ميڊم ايلسا قاضي کي پنھنجي ماءُ چوندو رھيو جيڪو تعلق علامه صاحب جي ساهه جي آخري گھڙي يعني سنڌو ۾ ملي وڃڻ تائين قائم رھيو.

قاضي فيض محمد 1943ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ان ۾ عملي طور ڪردار ادا ڪيائين ۽ پوءِ ھن ليگين جي روش ڏسي سيد جيان مسلم ليگ کي الوداع چئي پنھنجو دامن بچائي ھليو ويو ھو. چاھي ھا ته ليگ جي پليٽ فارم تان گھڻو ڪجھه حاصل ڪري پئي سگھيو پر ھي لالچ کي شڪست ڏيندڙ شخص جنھن ديس جي نماڻن ماروئڙن جي عزت ۽ خوشحال مستقبل جي جدوجھد ۾ پنھنجي اولاد تي به توجھه نه ڏئي سگھيو پاڻ ان کان اڳ خاڪسار تحريڪ ۾ رھي چڪو ھو. 1948ع ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. 1929 ع ۾ سائمن ڪميشن خلاف ھلايل تحريڪ ۾ پڻ شامل رھيو جڏھن عمر 20 سال ھيس،عملي طور سياست ۾ خلافت تحريڪ جي جلسن ۾ شامل ٿي سياست جي شروعات ڪيائين جڏھن کيس عمر ٻارنھن تيرنھن سال مس ھئي.

سائين جي ايم سيد جي لکڻي موجب ته ون يونٽ جي دور ۾ قاضي فيض محمد لاري تي چڙھي سڄي سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف پرچار ڪندو رھيو ۽ لاڙڪاڻي مان گرفتار ٿي ويو. قاضي فيض محمد جيڪو سنڌ جي تاريخ جو ان ڪري به وڏو ماڻھو آھي جو ھن نه صرف مزدورن عورتن ۽ سماج جي اندر استحصال جو شڪار ٿيندڙ انسانن لاءِ  جدوجھد ڪئي پر ان جدوجھد جي پاداش ۾ جيلن جا دروازا سدائين استقبال ڪندا رھيا.ھن ھارين جي حقن لاءِ بامقصد سياست ڪئي ۽ سڄي سنڌ ۾ انھن جي حقن جي پرچار ڪندو رھيو. خاڪسار تحريڪ کان ويندي نيشنل عوامي پارٽي تائين ۽ نيشنل عوامي پارٽي کان ويندي عوامي ليگ تائين جي سفر ۾ ھن جو مقصد صرف عام ماڻھن جي ڀلائي ئي رھيو. پاڻ 1951_1952ع ڌاري سنڌ ھاري ڪاميٽي جو صدر بڻيو ۽  ھاري ڪميٽي ٽيننسي ايڪٽ لاءِ جدوجھد شروع ڪئي،عبدالصمد اچڪزئي ۽ ڀاشاني کي دعوت ڏئي نواب شاهه ھاري ڪانفرنس ڪرايائين ان ئي مقصد لاءِ ڪراچي ۾ پڻ ڪانفرنس ڪرايائين پر بدقسمتي سان سندس تحريڪ ڪامياب نه ٿي سگھي ۽ ايوب خان سنڌ جون زمينون ورھائي ڌارين کي ڏئي ڇڏيون.

ڀٽو  ايوب کان راھون جدا ڪري پيپلز پارٽي ٺاھي نواب شاهه آيو ۽ قاضي صاحب کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏنائين پر ھن صوفي منش اصول پرست شخص پنھنجي اصول تي قائم رھندي انڪار ڪيو نتيجي طور ڀٽو جڏھن اقتدار جو واڳ ڌڻي ٿيو ته ھن قاضي صاحب ۽ سندس گھرواري پناهه خاتون کي ان وقت جھاز مان لاھڻ جو حڪم ڏنو جڏھن ھو پنھنجي شريڪ حيات سان عمري جي ادائيگي لاءِ خانه ڪعبه  وڃي رھيو ھو.

علامه آءِ آءِ قاضي،مولانا حسرت موھاني،مولانا عبيدالله سنڌي کان متاثر ھي محبتي نيڪ ارادن جو مالڪ 13 آڪٽوبر 1982ع تي 74 ورھين جي ڄمار ۾ فيض جي ھنن لفظن وانگر اسان کان وڇڙي ويو.

جنهين جرم عشق په ناز ٿا وه گنهگار چلي گئي