مسڪين جو گل مرجهائجي ويو……!

0
142
اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو!

هونئن ته سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ کليل گٽرن ۾ ٻارڙن جو ڪرڻ هن سرڪار لاءِ ته ڪا نئين ڳالهه ناهي! پر جڏهن ڪينسر ۾ ورتل هڪ مسڪين پيءُ جو بکن ڏکن ۾ پاليل 14 سالن جو پٽ  عادل راجپوت ٽنڊو ڄام ۾ انتظامي نااهلي جي ڪري کوٽيل کوهه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وڃي ته اها انهي خاندان لاءِ قيامت جهڙي ڳالهه آهي، عادل سان گڏ سندس ننڍو ڀاءُ به هو جنهن عادل کي بچائڻ جي ڪوشش به ڪئي پر کيس بچائي نه سگهيو،

فوتي عادل جو ننڍو ڀاءُ کيس بچائڻ دوران پاڻ به کوٽيل کوهه ۾ ڪرڻ لڳو ته هن پاڻ بچائي فورن گهر پهچي والد کي اطلاع ڏنو ته عادل کوهه ۾ ڪري پيو آهي، والد ۽ شهرين دير تائين لاش ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي بعد ۾ صفائي ڪندڙ عملي پهچي لاش ڪڍيو، انتظامي لاپرواهي سبب کوهه ۾ ڪري فوت ٿيل 14 سال جو عادل راجپوت گهر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو هو، 14 سالن جي عمر ۾ ذهني طور بيمار امڙ ۽ ڪينسر ۾ ورتل پيءُ جو ڀرجهلو هو، عادل راجپوت ننڍي عمر ۾ ميرپورخاص ڪوچن جي اڏي تي ڪم ڪندو هو کيس روز 400 رپيا ڏهاڙي ملندي هئي،

سندس والد لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته سندس پٽ کيس اڄ چيو ته بابا ٿڌ آهي آئون اڄ موڪل ٿو ڪيان  مون کيس چيو ته ڀلي اڄ موڪل ڪر “پر هو اڄ هميشه لاءِ موڪل تي هليو ويو آهي” بي پهچ پيءُ ننڍي پٽ سان مخاطب ٿيندي چيو ته هُن جي جڳھه تي هي هليو وڃي ها، عادل راجپوت جو موت انتظامي لاپرواهي سبب ٿيو آهي. سنڌ ۾ سرعام قتل ٿيل غريب ماڻهن کان ويندي شخصيتن سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي ته هن مسڪين والد شاهد راجپوت سان ڀلا ڪهڙو انصاف ٿيندو؟ سندس گهر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو گل ته هميشه لاءِ مرجهائجي ويو آهي، انتظاميه مان رڳو انسانيات جو درد رکندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر سرھاڻ اعجاز ابڙو وقت سر اسپتال پهچي فوتي ٻار جي ماءُ کي آٿٿ ڏني ۽ فوري طور واقعي واري جاءِ جو دورو به ڪيو.

صحافي هجڻ جي ناتي روز دل ڏکائيندڙ واقعي رپورٽ ڪري ڪري اسان به ڄڻ پٿر ٿي ويا هجو پر ڪالهوڪي مرجھايل گل جيءُ جهوري وڌو آهي، آخر هن ڪيسنر م ورتل پيءُ ۽ ذهني طور بيمار امڙ جي پرگهور ڪير لهندو، انتظاميه ته اڃان تائين اهو ڏسڻ ۾ پوري آهي ته کوٽيل کوهه ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو ڄام جي نااهلي آهي يا وري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي، اهو ثابت به ٿي وڃي ته ڪنهن هڪ اداري جي ڏوھه آهي ته به ٿيڻو ڪجهه به ناهي! بس هڪ مسڪين پيءُ جو الائي ڪهڙي حالن ۾ پٽ پاليل هو، جيڪو کيس هميشه لاءِ ڇڏي ويو،

ٽنڊو ڄام اختيارن کي گهرجي ته فوري طور کليل گٽر ۽ کوهن جا منهن بند ڪيا وڃن ته جيئن وري هي کليل گٽر ۽ کوهه ڪنهن ٻئي مسڪين جي ٻچو نه ڳڙڪائي وڃن. اسپتال ۾  سندس والد ۽ امڙ جون اوڇنگارون ۽ دانهنون  ڀلي هن نظام کي لوڏي نه سگهن.پر انتظامي نااهلي، لاپرواهي کين ڪڏهن به نه وسرندي جنهن سب سندن گل هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سندس والد ٻڌايو ته موڪل ته هجڻ باوجود به گهر وارن لاءِ هوٽل تان نان وٺڻ ويو هو، نان وٺي اچڻ وقت کوٽيل کوهه جنهن مٿان ڪچرو پيل هو، عادل راجپوت 30 فٽ کوهه ۾ ڪري فوت ٿيو، سندس کيسي مان مختلف ڪوچن جون مسافرن کي ڏنل ٽڪيٽون پيل هيون. انتظاميه کي گهرجي ته سندس والد والده جي مدد ڪئي وڃي