نوشهروفيروز (رپورٽر) ابڙان لڳ ڳوٺ سيد خدا بخش شاھ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ٻن سياسي ڌرين ۾ جھيڙو ٿيڻ سبب جي ڊي اي جو ڪارڪن سيد فياض حسين شاھ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، زخمي کي پھريان سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت ڳڻتيءَ جوڳي ھجڻ سبب  نوابشاھ منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته جي ڊي اي ڪارڪنن حملي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ سيد محمد علي شاھه ۽ ٻين چيو ته پ پ جي بااثر ۽ منشيات فروش ماڻھن دينل شاھ، اسماعيل شاھ، جنگل شاھ، سڪندر شاھ ۽ ٻين حملو ڪري جي ڊي اي جي ڪارڪن سيد فياض شاھ کي سخت زخمي ڪيو آھي جنھن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ھن چيو ته بااثر ڌر جي ڊي اي جي ڪارڪنن کي چونڊ ورڪ تان روڪيو ۽ ڪارڪنن پاران جواب ڏيڻ تي حملو ڪيو ويو. ھن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.