ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان نوتڪاڻي موڙ جي پيرسن جوڙي پوڙهو ڀيل سندس گهر واري ڪانو ڀيل پنهنجي ٻن پٽن سومار ۽ مينهن وسايو ڀيل سان گڏجي وڏيري محبوب  لغاري خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته کين نوتڪاڻي موڙ تي گهر وارو پلاٽ خالي ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ گهر تي حملو ڪري پوڙهو سومار ۽ مينهن وسايو کي مارڪٽ ڪرڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيو. هنن چيو ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.