لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي اولڊ بس اسٽينڊ واري علائقي جي رهواسي غلام مصطفيٰ ڀٽي دانهيو ته5 سال جو پٽ ظهير ڄائي ڄم کان جهٽڪن جي بيماري ۾ مبتلا آهي، ڊاڪٽرن  ڪراچي مان علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي.ايترا پئسا ناهن جو پٽ جو علاج ڪرائي سگهان،  مسلسل علاج نه ٿيڻ جي ڪري پٽ جي حالت ڏينهون ڏينهن ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي وڃي. پٽ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس جي حياتي بچائي وڃي.