ابراهيم حيدري فٽبال ٽورنامينٽ: جمع ڳوٺ جي ٽيم رائونڊ کٽي ورتو

0
207
ابراهيم حيدري فٽبال ٽورنامينٽ: جمع ڳوٺ جي ٽيم رائونڊ کٽي ورتو
ابراهيم حيدري فٽبال ٽورنامينٽ: جمع ڳوٺ جي ٽيم رائونڊ کٽي ورتو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ابراهيم حيدري ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ جو پهريون مرحلو مڪمل، جمع ڳوٺ اسپورٽس هٿان اچانڪ ڪلب کي شڪست، بلوچ حيدري ۽ دل حيدري ٽيمن جي ميچ بنا نتيجي ختم

ان ڏس ۾ محمد علي شاهه ۽ حاجي شفيع محمد ڄاموٽ ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ ۾ دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي. گذريل ڏينهن وڌيڪ 2 ميچز کيڏيون ويون، پهرين ميچ ۾ جمع ڳوٺ اسپورٽس اچانڪ اسپورٽس کي شڪست ڏني

جڏهن ته بلوچ حيدري ۽ دل حيدري ٽيمن ۾ کيڏيل ميچ هڪ هڪ گول تان برابر ٿي وئي، جنهن کانپوءِ اڄ ٻيهر مقابلي جو فيصلو ڪيو ويو