ڇا امباني فيملي مهمانن کي کائڻ دوران ٽشوز بدران نوٽ ڏنا؟

0
346

ممبئي(شوبز نيوز) سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ تصوير سبب واهپيدار حيران آهن ته ڇا امباني فيملي مهمانن کي کائڻ سان گڏ ٽشوز جي جاءِ تي ڪرنسي نوٽ پيش ڪيا؟

ٽوئٽر تي هڪ تصوير شيئر ڪئي وئي جنهن کانپوءِ هڪ نئون سوال پيدا ٿي ويو آهي. اها تصوير نيتا مڪيش امباني ڪلچرل سينٽر جي افتتاح کانپوءِ سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اها امباني خاندان طرفان منعقد ڪيل هڪ پارٽي جي تصوير آهي

Mukesh Ambani and family: the highlights of India's billionaire and his  children from 2019 | South China Morning Post

ان تصوير ۾ مٺي جو هڪ ڊش ڏيکاريو ويو آهي جنهن جي هر پيالي سان گڏ ٽشو پيپر جي بدران 3 پنج سئو رپين جا نوٽ نظر اچي رهيا آهن

رتنيش نالي واهپيدار تصوير جو ڪيپشن لکيو ته “امباني جي پارٽي ۾ ٽشو پيپرن جي جاءِ تي 500 رپين جا نوٽ هوندا آهن.” تصوير جي حقيقت معلوم ڪندڙ واهپيدار ٻڌايو ته اها هڪ ڊش آهي جنهن کي “دولت جي چاٽ” چيو ويندو آهي جنهن جو نالو ئي هن جي عڪس جي مناسبت سان رکيو ويو آهي. اتر هندستان ۾ گهڻي پسند ڪئي ويندڙ ترڪيب اميري جي علامت آهي ۽ ذائقن سان ڀرپور آهي