لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان لاهور ۾ ريلي سان خطاب دوران آچر تي مينار پاڪستان تي جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.عمران خان جي اڳواڻي ۾ زمان پارڪ کان ريلي جي شروعات ٿي، جنهن کي مختلف رستن کان ٿيندي داتا درٻار پهچڻو هو پر عمران خان داتا درٻار پهچڻ کان اڳ ئي خطاب ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هن گاڏي جي اندران ئي خطاب ڪيو. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته توشا خانا ڪيس ۾ کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويو، گهڙي جي معاملي تي مون تي وڏي تنقيد ڪئي وئي ۽ ڪيس ٺاهيو ويو، منهنجي هر طريقي سان ڪردارڪشي ڪئي وئي پر ن ليگ جي فنڊنگ سامهون آئي ته سڀني کي خبر پئجي وئي.هن اعلان ڪيو ته آچر تي منجهند 2 وڳي مينار پاڪستان تي جلسو ڪندس، اسان کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي آهي. سندس چوڻ هو سڀني کي خبر آ ته منهنجي حياتيءَ کي خطرو آهي، ملڪ تي چور مڙهيا ويا آهن، انهن جي احتساب ۽ حقيقي آزادي لاءِ قوم کي نڪرڻو پوندو. ريلي سان خطاب کانپوءِ عمران خان واپس زمان پارڪ هليو ويو.

لاهور(م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته منهنجي حياتي کي وزيراعظم ۽ گهرو وزير کان خطرو آهي ان لاءِ سپريم ڪورٽ کان سيڪيورٽي گهري رهيا آهيون ڇو ته اسان کي حڪومت تي ڀروسو نه آهي حفاظت جي ذميواري سپريم ڪورٽ کڻي يا وڊيو لنڪ تي پيشي جي اجازت ڏني وڃي. وڌندڙ دهشتگردي جي مسئلي جو حل اهو آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ڪيون وڃن، انهن کي ملڪ اندر قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ ڏنو وڃي. برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته جهڙي طرح پنجاب جي نگران حڪومت اسان جي پارٽي مٿان چونڊ ريلي ڪڍڻ تي پابندي لاڳو ڪئي ۽ منهنجي مٿان 80 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي پارٽي کي چونڊ مهم هلائڻ جي اجازت نه آهي. لاهور ۾ سموريون پارٽيون سياسي سرگرميون ڪري رهيون آهن پر نگران حڪومت صرف اسان جي ريلي تي پابندي لڳائي آهي. اسان کي چونڊ مهم شروع ڪرڻ به نه پئي ڏني وڃي. هن چيو ته هاڻ جڏهن اسان پنهنجي چونڊ مهم هلائڻ چاهيون ٿا ته ريليون به نه پيون ڪڍڻ ڏنيون وڃن. ڇا اسان ايندڙ چونڊن ۾ چونڊ مهم کانسواءِ حصو وٺون؟ هاڻ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ گهٽ وقت رهجي ويو آهي چونڊ جلسن جو سمورو لائحه عمل جلد ڏينداسين. پنهنجي خلاف ڪيسن بابت عمران خان چيو ته مون کي پنهنجي خلاف داخل ڪيسن ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۾ ڪوبه مسئلو ناهي پر منهنجي حياتي کي خطرو آهي، ان لاءِ عدالت کان تحفظ گهري رهيو آهيان جيڪڏهن هو سيڪيورٽي نٿا ڏئي سگهن ته وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي. گهرو وزارت به چٽن لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي. مان به عدالت کي اهوئي چئي رهيو آهيان ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي مون کي سيڪيورٽي ڏني وڃي. اڳوڻي وزيراعظم الزام لڳايو ته منهنجي حياتي کي وزيراعظم ۽ گهرو وزير مان خطرو آهي ان لاءِ سپريم ڪورٽ کان سيڪيورٽي گهري رهيو آهيان ڇو ته هن حڪومت تي مون کي ڀروسو نه آهي. وزيراعظم ۽ گهرو وزير تي الزام لڳائيندي عمران خان چيو ته هي مون کي مارڻ جي سازش ۾ ملوث هئا. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي صورتحال آهي، اسان سڀ ان جي مخالفت ڪريون ٿا. مون کي جن مان خطرو آهي انهن کي ئي مون کي بچائڻو آهي. جڏهن 2 ڀيرا لاهور ۽ اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيس ته اتي به سيڪيورٽي جي صورتحال بهتر نه هئي. ڪو واردات ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿو. صحافي سوال ڪيو ته توهان وزيراعظم ۽ گهرو وزير تي الزام هڻي رهيا آهيو ته عمران چيو ته بلڪل اهو منهنجو حق آهي، اڳ ۾ به جڏهن حملو ٿيو ته ان کان مهينو اڳ کان چئي رهيو هيس ته مون تي مذهبي انتهاپسندي جي نالي تي حملو ٿيڻ وارو آهي ۽ اهو ٿي ويو، هن وقت پاڪستان ۾ دهشت جو ماحول آهي ۽ اسان سڀ ان جا مخالف آهيون، آئون اهو ئي چئي رهيو آهيان جيڪو ڀارت ۾ ٿي چڪو آهي نرسمها رائو ۽ راجيو گانڌي تي حملا ٿيا. پاڪستان ۾ دهشتگردي جي تازين وارداتن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان تي قبضي بعد طالبان ٽي ٽي پي جي 30 کان 40 هزار ماڻهن کي واپس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو جن ۾ 5 کان 6 هزار جنگجو به شامل هئا، انهن جي واپسي جي مطالبي تي اسان وٽ ڪهڙو رستو هو؟ يا ته انهن کي پڪڙي ماري ڇڏيون ها يا وري انتهائي مهذب طريقي سان مقامي ماڻهن کي صلاح سان معاشرتي ڌارا ۾ واپس وٺي اچون ها ڪا ٽين چوائس ته هئي ئي ڪانه. انهن سان ڳالهيون ڪري قومي ڌارا ۾ آڻڻ کانسواءِ ڪو ٻيو چارو نه هو. گذريل سال گرمين ۾ انتهاپسندي ٻيهر ڪر کڻڻ شروع ڪيو ته ڪي پي جي پي  ٽي آءِ جي حڪومت وفاق کي چيو ته هي مسئلو وڏو ٿيندو پيو وڃي ڪجهه ڪريو پر ڪو جواب نه مليو، جيڪڏهن توهان هنن کي پاڪستان ۾ وٺي آيا آهيو ۽ انهن کي بحال به نه ڪيو ته مسئلا ته اچڻا هئا. حل اهو آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ڪيو ڪنهن ڳالهه تي ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پوءِ توهان کي بندوقون کڻڻيون پونديون. پهرين ڪوشش ته هجڻ گهرجي ته ڏڦيڙ نه پکڙجي ان لاءِ مقامي ماڻهن کي شامل ڪرڻ تمام ضروري آهي.