اسلام آباد/لاهور(بيورورپورٽ+م ڊ) عورت جج کي ڌمڪائڻ واري ڪيس ۽ توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان وري به عدالتن ۾ پيش نه ٿيو عدالتن هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاريا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، اسلام آباد پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هيليڪاپٽر تي وري لاهور پهچي وئي. 24 ڪلاڪن اندر زمان پارڪ وڃي وارنٽ تي عمل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو هو پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عدالت ۾ پيش نه ٿيو، وڪيلن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي وئي. عمران جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته ائين ناهي ته عمران خان ڄاڻي واڻي پيش نه پيو ٿئي، اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي، عمران خان کي سيڪيورٽي خدشا آهن، مٿس قاتلاڻو حملو پڻ ٿي چڪو آهي جنهن ۾ هو زخمي به ٿيو. عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن جي شڪايت کي رد ڪيو وڃي. گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ کان اڳ ڪيس جي ٻڌڻ جوڳو هجڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري نٿا ٿي سگهن. اليڪشن ڪميشن ته عمران خان جي خلاف شڪايت ئي داخل ناهي ڪئي. عمران خان خلاف شڪايت ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن ڪئي آهي، شڪايت ۾ صرف هدايتون ڏنيون ويون آهن ته عمران خان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيلن فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته عمران خان کي نوٽيس جاري ٿيندا، پيش نه ٿيڻ تي وارنٽ جاري ٿي سگهن ٿا.  اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سعد حسن چيو ته درخواستون ڏئي سيشن عدالت ڪارروائي کي هر هر متلوي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عمران خان کي جيڪو رليف بار بار ملي رهيو آهي هو ان مان ناجائز لاڀ حاصل ڪري رهيو آهي. عمران خان جي وڪيل چيو ته وارنٽ ته موجود آهن، ڪنهن به وقت جاري ٿي سگهن ٿا، حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رڳو اڄوڪي ڏينهن لاءِ داخل ڪئي وئي آهي، عمران جي وڪيل چيو ته عمران خان تي قاتلاڻو حملو ٿيو، سندس حياتي کي خطرو آهي، هو مُلڪ جو وزيراعظم رهي چڪو آهي، هو جيڪا سيڪيورٽي لهڻي اُها کيس نه پئي ڏني وڃي، پنجاب جي نگران سرڪار عمران خان کان سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته عمران خان کي حاضري کان ڇوٽ ڪيئن ملي سگهي ٿي جڏهن سندس گرفتاري وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر کي اِهو اختيار آهي ته فوجداري ڪارروائي جي شڪايت داخل ڪري سگهي. عمران خان جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ڪنهن آفيسر کي شڪايت داخل ڪرڻ جو اختيار ناهي ڏنو، عمران خان خلاف شڪايت اڄ ئي خارج ٿيڻ گهرجي، الڪيشن ڪميشن جي اجازت ڪٿي آهي؟ اليڪشن ڪميشن جي اجازت کانسواءِ ته ڪارروائي ئي نٿي ٿي سگهي. ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد بعد عدالت فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ بحال ڪري ڇڏيا، عدالت عمران خان کي 18 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪي واري ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ جي سول جج پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ چوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ سيڪيورٽي خدشن جو جواز ڄاڻائي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي جيڪا عدالت خارج ڪري ڇڏي ۽ عمران خان کي 29 مارچ تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عمران خان جي وڪيلن طرفان بريت جي درخواست به ڪئي وئي هئي جنهن تي عدالت دليلن لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ٻڌڻي دوران سول جج راڻا مجاهد رحيم جوچوڻ هوته عمران خان عدالتي وقت ۾ نه آيو ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندس، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي ۾ 12:30 تائين وقفو ڪري ڇڏيو. وقفي کانپوءِ ٻڌڻي شروع ٿي ته سول جج جو چوڻ هوته عمران خان کي فردِ جرم جي ڪارروائي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سڏايو آهي، في الحال انهن ڪيسن جو ڪاپيون فراهم ڪرڻيون آهن، ان ڪري عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست خارج ڪري رهيو آهيان. صفائي واري واري وڪيل انتظار پنجوٿا جو چوڻ هوته عمران خان اڳوڻو وزيراعظم آهي، وزيرآباد ۾ مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو، اڃا تائين هو مڪمل صحتياب به ناهي ٿيو، مٿس ٻيهر حملو ٿي سگهي ٿو، هو عدالتن کان نه پيو ڀڄي ۽ نه ئي بهانا ڪري رهيو آهي، ا نڪري سندس اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وڃي. عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو. وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد پوليس جي خاص ٽيم هيلي ڪاپٽر ذريعي عمران خان جا گرفتاري وارنٽ کڻي لاهور پهتي. اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته عمران خان جي عدالتي حڪم تي گرفتاري ٿيندي جڏهن ته عمران خان جي گرفتاري لاءِ پوليس جي واڌو نفري گهربل آهي. پنجاب پوليس ان سلسلي ۾ ڀرپور مدد جي خاطري ڪرائي آهي اهو فيصلو اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته اسلام آباد پوليس 24 ڪلاڪن ۾ زمان پارڪ ويندي. عمران جي چيف سيڪورٽي آفيسر سان رابطو ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.