آپريشن وسيلي وزن گهٽائڻ جا ٻه فائدا: ٿولهه به ختم ته دماغ تان دٻاءُ جو به خاتمو

0
443

برمنگهم: (انٽريسٽنگ نيوز) جديد سائنس سان وزن گهٽائيندڙ آپريشن ۽ دماغ جي اندروني دٻاءُ جي وچ ۾ هڪ تعلق هٿ ڪيو ويو آهي، ان سرجري سان دماغ جو اندروني دٻاءُ گهٽ ٿي سگهي ٿو. برمنگهم يونيورسٽي ۽ اين ايچ ايس فائونڊيشن جي گڏيل تحقيق سان خبر پئي آهي ته جيڪڏهن وزن گهٽائيندڙ سرجري ڪئي وڃي ته اهڙن ماڻهن جي دماغ اندر دٻاءُ گهٽ ٿي ويندو آهي. طب جي زبان ۾ ان کي آئيڊوپيٿڪ انٽراڪرينيٽل هائپرٽينشن (آءِ آءِ ايچ) چوندا آهن. هن ڪيفيت ۾ مٿو ڳرو ۽ سور ڪندو رهندو آهي جڏهن ته آءِ آءِ ايچ جي شديد ڪيفيت مستقل طور نابينائي جو حملو به ٿي سگهي ٿو. دماغ جو اندروني دٻاءُ عام طور تي اهڙين ٿلهين عورتن کي متاثر ڪندو آهي جن جون عمرون 25 کان 36 سالن تائين هونديون آهن. وزن وڌڻ سان آءِ آءِ ايچ ٻيهر موٽي ايندو آهي پر جيئن ئي عورتون سرجري سان وزن گهٽائينديون آهن ته انهن ۾ آءِ آءِ ايچ موٽڻ جي شرح 3 کان پندرنهن سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندي آهي پر ٻن کان پنجن سالن ۾ وزن ٻيهر وڌي ويندو آهي ۽ ان سان دماغي پريشر ۾ واڌ جو خطرو ٻيهر ٿي سگهي ٿو. پنهنجي نوعيت جي هن پهرين طبي مطالعي ۾ بيرياٽرڪ سرجري ۽ وزن گهٽ ڪرڻ جي هڪ ساله پروگرام جي دماغي اندروني دٻاءَ تي اثرن جو جائزو ورتو ويو آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ريسرچ اهڙين 6 عورتن کي شامل ڪيو جن جون عمرون تقريبن 32 سال هيون. انهن مان اڌ جو وزن سرجري سان گهٽ ڪيو ويو. جڏهن ته صرف 12 مهينن جو وزن گهٽائيندڙ پروگرام چونڊ ڪيو. هن پوري عرصي ۾ عورتن جي اندروني دماغي دٻاءُ جو جائزو ورتو ويو. خبر پئي ته جن عورتن سرجري ڪرائي انهن جو وزن 23 ڪلو گرام تائين گهٽ ٿيو پر وزن گهٽائيندڙ پروگرام جو فائدو گهٽ ٿيو ۽ صرف (2 ڪلو گرام) وزن ئي گهٽ ٿيو. جيڪي عورتون آپريشن مان گذريون انهن جي دماغي دٻاءُ ۾ 25 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڏٺي وئي. سائنسدانن جو خيال آهي ته پهريون ڀيرو سرجري سان وزن ۾ غير معمولي گهٽتائي سان دماغي پريشر ۾ گهٽتائي واقع ٿي سگهي ٿي. اهڙي طرح آءِ آءِ ايچ ڪيفيت ختم ڪرڻ جي لاءِ وزن گهٽائڻ جو نسخو فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.