قائداعظم جو ڊگهو مجسمو ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻجي ويو

0
447

ڪوئيٽا(انٽريسٽنگ نيوز) بلوچستان جي علائقي زيارت ۾ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو مجسمو لڳايو ويو آهي. اهو شاهڪار مجسمو 20 باءِ 57 جو آهي. مجسمو ٺاهڻ ۾ فائبر گلاس استعمال ڪيو ويو آهي. اهو مجسمو به سنڌ جي علائقي ٽنڊو الهيار سان واسطو رکندڙ بهترين آرٽسٽ فقيرو سولنگي ٺاهيو آهي. هي مجسمو هاڻ ماڻهن جو ڌيان به ڇڪائي رهيو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو هتي اچي فوٽوبه ڪڍرائيندا آهن. هاڻ هي مجسمو به زيارت شهر جي سڃاڻپ بڻجي رهيو آهي.