تنگواڻي ۾ ڀائرن هٿان وڪرو ٿيل عورت ٿاڻي تي پهچي وئي

0
277

تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾ ڀائرن هٿان وڪرو ٿيل عورت ساهرن جي تشدد کان تنگ ٿي ڳوٺ جعفرآباد رهواسڻ ناري جميلان زال راجا لاشاري ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي، جتي هن چيو آهي ته ساهرا تشدد ڪن ٿا، ڀائرن 6 لک روپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو، گهرڀاتي تشدد ڪندا هئا، اڄ نڪري آئي آهيان، عدالت ۾ پيش ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، پوليس پاران اڄ ناري کي سول ڪورٽ تنگواڻي ۾ پيش ڪيوويندو..