نيو يارڪ (م ڊ) آمريڪا ۾ نئين تاريخ رقم ٿي وئي، اڳوڻي صدر ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو،، جنهن بعد مجرماڻي الزامن کي منهن ڏيندڙ پهريون آمريڪي صدر بڻجي ويو. آمريڪي ميڊيا موجب نيو يارڪ جي عدالت اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي 2016 ۾ چونڊ مهم دوران هڪ پورن اسٽار کي چُپ رهڻ لاءِ رقم ڏيڻ جي الزام ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب فرد جرم جو فيصلو جيوري پاران ووٽنگ بعد ڪيو ويو، پراسيڪيوٽر آفيس ٽرمپ کي گرفتاري لاءِ پاڻ کي پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آمريڪي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن موجوده يا اڳوڻي صدر کي ڪرمنل الزامن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.  فرانسيسي خابرو اداري موجب نيويارڪ جي هڪ پراسيڪيوٽر خميس ڏينهن اڳوڻي صدر ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تصديق ڪئي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر ٽرمپ ڪارروائي کي سياسي دشمني ۽ چونڊ عمل ۾ مداخلت قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ٽرمپ ايندڙ صدارتي اليڪشن وڙهڻ تي به بضد آهي، فرد جرم لاڳو ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي ٽرمپ چيو ته منهنجي خلاف ڪارروائي سياسي دشمني ۽ چونڊ عمل ۾ مداخلت آهي، حلف برداري کان اڳ ئي ڊيموڪريٽڪ منهنجي پويان پئجي ويا هئا ته جيئن آمريڪا کي  عظيم تر بڻائڻ جي تحريڪ ناڪام بڻائي وڃي، هاڻ هو ناقابل تصور حرڪتن تي لهي آيا آهن. هن چيو ته بي گناهه شخص تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، آمريڪا جي تاريخ ۾ ڪڏهن ايئن ناهي ٿيو، انصاف جي نظام کي ڊيموڪريٽڪ پنهنجو هٿيار بڻايو آهي ته جيئن سياسي مخالفن کي سزا ڏئي سگهجي.