اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مهانگائي جي ماريل عوام تي هڪ ڀيرو وري بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو، نيپرا حڪومتي درخواست تي بجلي صارفين تي 335 ارب رپين جو اضافي بار وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ پنهنجو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو، نيپرا بجلي صارفين تي 3 رپيا 23 پيسا في يونٽ مستقل سرچارج لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ، جنهن جي وصولي ايندڙ مالي سال کان ڪئي ويندي، بجلي تي اضافي سرچارج گهريلو، صنعتي، ڪمرشل ۽ زرعي صارفين تي لاڳو ٿيندو، جڏهن ته اضافي سرچارج ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي به لاڳو ٿيندو، حڪومت هن سال جون تائين 3 رپيا 82 پيسا في يونٽ اضافي سرچارج وصول ڪندي، جڏهن ته ايندڙ مال سال کان 3 رپيا 23 پيسا في يونٽ سرچارج وصول ڪيو ويندو.