اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ لڪي مروت سانحي ۾ شهيد ٿيلن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، ڊگهي بيماري کان پوءِ  آيل وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جي اجلاس ۾ شرڪت تي آجيان ڪئي وئي، سوالن جوابن جي وقفي دوران پاڻي وسيلن جي وزارت لکت واري جواب ۾ ٻڌايو آهي ته مهمند ڊيم جي منصوبي تي لاڳت 309 ارب 55 ڪروڙ 83 لک رپيا آهي، جون 2022ع تائين منصوبي لاءِ 49 ارب 51 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا، هلندڙ مالي سال ان منصوبي لاءِ 12 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا، هن وقت تائين 7 ارب 41 ڪروڙ رپيا جاري ويا آهن، خوراڪ جي پارلياماني سيڪريٽري ايوان کي ٻڌايو ته گذريل سال ٻوڏ سبب سنڌ ۾ چانورن جي پوک سخت متاثر ٿي آهي، گذريل، سال 93 لک ميٽرڪ ٽن پيداوار جي مقابلي ۾ هلندڙ سال چانورن جي پيداوار 54 لک ميٽرڪ ٽن ٿي آهي، ملڪ ۾ چانورن جي سالياني گهرج 38 لک ميٽرڪ ٽن آهي، ٻوڏ سبب سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌيڪ متاثر نه ٿي آهي، شيخ فياض الدين الزام هڻندي چيو ته گذريل سال حج قرعه اندازي ۾ نالا رشوت وٺي وڌا ويا، ڇا هن سال به ائين ئي ٿيندو يا ريٽ گهٽ وڌ ٿيو آهي؟ اجلاس  دوران گريڊ 20 يا ان کان مٿي جي آفيسرن جي گيلري ۾ عدم موجودگي تي  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، پارلياماني مامرن جي وزير کيس ٻڌايو ته فوڊ سڪيورٽي، صنعت پيداوار، پاڻي مامرن ، صحت ، مذهبي مامرن، هائوسنگ ، ريلوي وزارت جا آفيسر موجود ناهن، اسپيڪر چيو ته انهن جي سيڪريٽرين کان جواب طلب ڪيو وڃي، اسپيڪر مامرو ڪاروائي لاءِ استحقاق ڪاميٽي کي موڪلي ڇڏيو، ناڻي وزير پاران پيش ڪيل دستاويز مطابق ملڪ تي مجموعي قرضن جو بار 51 هزار 131 ارب رپيا ٿي ويو آهي، ملڪ جو هر شهري 2 لک 16 هزار 709 رپين جو قرضي آهي، جون 2021ع کان جون 2022ع تائين ڊالر جي قدر ۾ اضافي سان قرضن ۾ 3764 ارب رپين جو اضافو ٿيو، جون 2022 ۾ قرض جي ڊي پي جو 73.5 سيڪڙو هئا.پاڻي مامرن جي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان جي آبادي تمام گهڻي آهي،پاڻي منصوبن لاءِ بجيٽ جي ڊي پي جو 15 سيڪڙو مختص ڪئي وڃي، اجلاس ۾ محسن لغاري ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي ۾ ڀارت  پاران تبديليون ڪرڻ بابت  ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو، پي ٽي آءِ جي محسن لغاري جو چوڻ هيو ته ايندڙ وقت ۾ جنگيون پاڻي تي لڳنديون، ڀارت سنڌ طاس معاهدي ۾ تبديليون پيو ڪري اسان هتي سياست ۾ مصروف آهيون ، پاڻي مامرن جي وفاقي وزير  خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان ڀارت جي سنڌ طاس معاهدي ۾ تبديلين تي قدم کنيو آهي، پاڪستان 130 ملين ايڪڙ فوٽ مان صرف 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي، پاڻي وسيلن جي درست استعمال جي حوالي سان ايوان کي قرارداد منظور ڪرڻ گهرجي.