واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي ريپبلڪن سينيٽر لنزي گراهم دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا کي افغانستان ۾ واپس  وڃڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي سينيٽر لنزي چيو ته آمريڪا کي واپس افغانستان وڃڻو پوندو، طالبان افغانستان کي مڪمل طور ڪنٽرول نه ڪري سگهندا. پنهنجي بيان ۾ لنزي گراهم چيو ته افغانستان جي حالتن کان مجبور ٿي آمريڪا کي ٻيهر افغانستان ۾ فوجي موڪلڻا ئي پوندا. واضح رهي ته ان کان اڳ يورپي يونين طرفان به طالبان حڪومت کي تسليم نه ڪرڻ جو چيو ويو هو.