اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته گوادر ۽ ڪوئيٽا جي مستونگ واري علائقن ۾ آپگهاتي حملن ۾ ملوث دهشتگرد افغانستان مان آياهئا، جن جي  سڃاڻپ ٿي وئي آهي، افغان طالبان خاطري ڪرائي آهي ته افغان سر زمين ڪنهن ٻئي خلاف استعمال نه ٿيندي، طالبان جي سي پيڪ ۾ شموليت سٺو سنوڻ آهي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مستقبل ۾ افغانستان جي سياست جو خطي ۾ تمام وڏو دخل هوندو، پاڪستان ڇا ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اهو فيصلو عمران خان جو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ افغانستان جي پناهگيرن لاءِ ڪا به ڪيمپ ناهي، ڀارت جي ان حوالي سان پروپيگنڊا بي بنياد آهي، ڀارت جي افغانستان  ۾سڄي سرمائيڪاري  تباهه ٿي وئي آهي، ان کي پيٽ ۾ سور آهي ته ڀارت جيڪو نقشو ٺاهيو هو  ۽ جيڪي ان جون 66 ڪيمپون هيون اهي سڀ ختم ٿي ويون آهن، جنرل فيض حميد ڀارت جي ميڊيا تي ڇانيل رهيو، هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، ڇو ته اسان جي ترقي هڪ ٻئي سان سلهاڙيل آهي، افغانستان جي حڪومت جي قيام کان پوءِ تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪندس، جيڪي افغانستان مان بغير دستاويز پاڪستان آيا آهن انهن جي حوالي سان حڪومت جلد فيصلو ڪندي. مخالف ڌر جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڄي دنيا جو مرڪز افغانستان ٿيڻ پيو وڃي، پر مخالف ڌر جي سياست لاهور تائين محدود آهي، بلاول ڀٽو، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي سياست ختم ٿي وئي آهي، مستقبل ۾ خطي جي سياست ۾ افغانستان جو وڏو عمل دخل هوندو، جمهوريت ۽ دنيا کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 12 سيپٽمبر تي چمن ۽ طورخم بارڊر کولينداسين.