اسلام آباد (م ڊ) آزاد ڪشمير قانونسازي اسيمبلي جي چونڊ 25 جولاءِ تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن شيڊول جاري ڪندي چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي لاءِ عام چونڊون 25 جولاءِ تي قربان واري عيد جي ٽئين يا چوٿين ڏينهن ٿينديون. اليڪشن ڪميشن جي مقرر ڪيل ميمبرن راجا فاروق نياز ۽ فرحت علي مير چيو ته اليڪشن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ڪوشش آهي ته 10 هين عام اليڪشن شفاف ۽ غيرجانبداراڻي انداز ۾ ڪرائي وڃي. 32 لک 90 هزار ووٽرز ووٽ جو حق استعمال ڪندا.